اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ آغا خان فائونڊيشن وچ ۾ موسمياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي، معاهدي تي موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري عائشه حميرا مورياڻي ۽ آغا خان فائونڊيشن جي قومي ڪميٽي جي چيئرمين امين فراست صحيحون ڪيون. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چي?? ته پاڪستان جي موسميا??ي ۽ ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ حصيداري جو اهم ڪردار آهي، هن چي?? ته معاهدي جو مقصد پاڪستان جي ٻهراڙي ۽ سامونڊي علائقن ۾ معاشي تحفظ ۽ پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. رومينه خورشيد عالم چي?? ته ان حصيداري ذريعي موسمياتي قدمن کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو. هن چي?? ته پاڪستان جا سامونڊي ۽ جابلو علائقا شديد موسمي اثرن جو شڪار آهن، انهن مسئلن ۾ گليشيئر جو پگهرجڻ، سامونڊي سطح ۾ اضافو، زرعي مسئلن ۽ پاڻي جي کوٽ شامل آهن. هن چي?? ته سنڌ جي سامونڊي علائقي، گلگت ب??تس??ان ۽ خيبرپختونخوا جي ٻهراڙي جا علائقا به موسمياتي اثرن جو شڪار آهن.