اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??وجوده حڪومت جي ڪامياب اقتصادي پاليسين جي ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آ??ي جيڪا ملڪي معيشت جي ا??تح??ام کي ظاهر ڪري ٿو ۽ عالمي مالياتي ادارا به ان جو اعتراف ڪري رهيا آهن، اسان کي قومي واڌ جي شرح ۾ اضافي لاءِ برآمدات وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. وزيراعظم هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته بجلي ۽ گئس جي وڌيڪ قيمتن سبب پيش ايندڙ مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ايندڙ هفتي منعقد ڪيو ويندو، وزيراعظم ملڪ کي درپيش معاشي مسئلن جي سببن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ??وجوده صورتحال جي تاريخ 10 سالن تي ٻڌل آهي.