اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ملڪ جي سمورن صوبن سان ڪرونا سبب متاثر مريضن، اسپتالن ۾ سهولتن، ٽيسٽنگ ڪٽس ۽ وينٽي ليٽرز جي دستيابي سميت لاڳاپيل ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو عمل منظم ڪيو وڃي، عوام ک?? هر رخ کان مڪمل باخبر رکيو وڃي، رليف جي فراهمي مڪمل ميرٽ تي يقيني بڻائي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪو به فرق نه ڪيو وڃ??. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ڪرونا وائرس ج?? روڪٿام، تشخيص لاءِ سهولتن، موجود?? صورتحال ۾ صنعتي عمل جي رواني کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن، حڪومت پاران اقتصادي پيڪيج، بنيادي ضرري شين جي گهرج ۽ پهچ ، ايگريڪل??ر جي شعبي جي حوالي سان قدمن ۽ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس ج?? صدارت ڪندي ڪيو.