ڪوئيٽا – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا رليف ٽائيگر فورس ۾ نوج??ان?? ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي ڀرپور شرڪت ۽ متاثر ماڻهن جي خدمت جو جذبو نهايت حوصلي وارو آهي، آزمائش جي ان گهڙي ۾ ڀرپور عوامي خدمت جو جذبو وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي بلوچست??ن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽرين جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو.