اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوه چ??و آهي ته مانسهره ٿاڪوٽ ايڪسپريس وي ٽريفڪ جي لاءِ کوليو وي?? آهي، ٻن ڦاڪن وارو روڊ 80 ڪلوميٽر ڊگهو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مانسهره ٿاڪوٽ ايڪسپريس وي تي 136 ارب رپين جي لاڳت آئي آه??، ايڪسپريس وي تي هاءِ وي پوليس ۽ ٽول اسٽاف مقرر ڪيو وي?? آهي. سي پيڪ منصوبا ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيا آهن.