اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي نوجوانن جي معامل واري خاص معاون عثمان ڊار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران 9 آگسٽ کي ٽائيگر ??ورس ڊي طور ملهائڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ٽائيگر ??ورس جي رضاڪارن جو جذبو ساراهه جوڳو آهي. وبائي صورتحال ۾ بنا ڪن??ن معاوضي جي خدمتن تي رضاڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ٽائيگر ??ورس هڪ ڀيرو ٻيهر عملي طور تي ثابت ڪيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن بي مثال آهي. وزيراعظم جي خاص معاون عثمان ڊار چيو ته ٽائيگر ??ورس جي رضاڪارن ڪورونا وبا دوران خدمت خلق جي جذبي سان مثالي ڪر??ار ادا ڪيو. وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي 9 آگسٽ جي ڏينهن کي ٽائيگر ??ورس جي رضاڪارن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته 9 آگسٽ کي پاڪستان جي تاريخ جي هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻوٽا هڻي انهن رضاڪارن جي خدمتن کي سارا??يو ويندو.