لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان چيو آهي ته گورننس جي بهتري ملڪ جي ترقي ??اء?? ضروري آهي، ايندڙ نسلن جي ??اء?? اسان کي ملڪ جو نظام ٺيڪ ڪرڻو آهي، ڪرپشن جي ڪا گنجائش نه آهي، ٿاڻو ڪلچر تبديل ڪيو وڃ??، ادارن ۾ جزا ۽ سزا جو نظام متعارف ڪرايو وڃ??، سياسي دٻاءُ کانسواءِ ميرٽ تي ڪم ڪيو وڃ??. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي جي سول آفيسرن بشمول انتظامي کاتن جي سيڪريٽرين، ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنرز، ريجنل پوليس آفيسرن سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ آء?? جي پنجاب پڻ موجود هئا. وزيراعظم ع??ران خان چيو ته پاڪستان کي مشڪل معاشي صورتحال درپيش رهي، معيشت قرضن جي بار هيٺ رهي، جنهن جي ڪري تعليم، صحت ۽ ترقياتي منصوبن جي ??اء?? گهربل. وسيلن جي کوٽ درپيش رهي. هن چيو ته ڪرپشن جي ڪري به معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، انهي جي ڪري اسان جي حڪومت ڪرپشن جي خلاف جهاد شروع ڪيو، 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ترقي جا مثال ڏنا ويندا هئا، ڪرپشن سدائين مٿي ۽ ايليٽ طبقي کان شروع ٿئي ٿي. وزيراعظم ع??ران خان چيو ته هي ملڪ اسان جو آهي، اسان جو جيئڻ مرڻ هن ئي ملڪ سان آهي، ايندڙ نسلن جي ??اء?? نظام ٺيڪ ڪرڻو آهي، گورننس جي بهتري ملڪي ترقي جي ??اء?? ضروري آهي. هن وقت ملڪ ۾ معاشي ترقي جي ??اء?? سڀ کان اهم شعبو تعميرات جو آهي. ان سان روزگار جا موقعا ملندا.