اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پمز اسپتال اسلام آباد جو غير اعلانيه دورو ڪيو، اطلاعات ۽ نشريات ??ارو و??اقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان به گڏ هو، وزيراعظم اسپتال جي نئين ا??مر??نسي بلاڪ جو معائنو ڪيو، خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان اسپتال جي نئين ا??مر??نسي بلاڪ ۾ مريضن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، صحت واري خصوصي صلاحڪار وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي ا??مر??نسي ۾ ايندڙ مريضن لاءِ مخصوص طريقيڪار جوڙيو و??و آهي، خصوصي صلاحڪار ٻڌايو ته ا??مر??نسي مريض کي فوري طور تي ابتدائي طبي امداد جي فراهمي کانپوءِ ان جي حالت موجب ان کي اسپتال جي لاڳاپيل حصي ۾ منتقل ڪيو و??ندو آهي. ان طريقيڪار سان ا??مر??نسي مريض ۽ اسپتال ۾ پهرين کان موجود مريضن کي جتي ڪورونا کان محفوظ رکڻ ۾ مدد ملندي آهي اتي مريض کي مرض موجب لاڳاپيل شعبي ۾ منتقلي جو عمل به آسان ٿيندو آهي.