اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن جي لاءِ قانوني سڌارن جو مقصد پوري عمل کي شفاف بڻائڻ آهي، سمورين سياسي پارٽين سان ان سلسلي ۾ ڳ??لهين جي لاءِ دروازا هر وقت کليل آهن، پيٽروليم مصنوعات جي کوٽ بابت انڪوائري ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد جي حوالي سان قائم ڪ??يٽ?? جي رپورٽ ملڻ تي ذميوارن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو، احساس پروگرام حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي، جنهن جي تائيد عالمي ادارا به ڪن ٿا، ملڪ مان غربت جو خاتمو اسان جو مشن آهي، وزيراعظم صوبائي حڪومتن ۽ اسلام آباد انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ڪورونا وبا جي ڏس ۾ غريب ٺيلهو هڻندڙن جي لاءِ ٺيلها بازار قائم ڪرڻ جو جائز?? ورتو وڃي ته جيئن انهن غريب ماڻهن جو روزگار متاثر نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.