اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومتن کي ٽاسڪ ڏنو آهي ته اهي آبادگار مارڪيٽن جي انگ ۾ اضاف?? جي لاءِ 24 ڪلاڪن ۾ قابل عمل منصوبو پيش ڪن، کاڌي پيت?? جي شين جي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد نه ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڇي. وزيراعظم جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ کاڌي پيت?? جي ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائ?? جي حوالي سان انتظامي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. چئني صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم هول سيل ۽ ريٽيلرز جي سطح تي قيمتن ۾ فرق تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ڪمزور عملدرآمد مڪينزم ۽ريگيوليٽري مڪينزم ۾ ڪوتاهين جي نشاندهي ٿئي ٿي. هن چيو ته وڏن شهرن ۾ محدود آبادگار مارڪيٽس پڻ آبادگارن جي استحصال ج?? هڪ سبب آهن. مڊل مين پاران ناحق منافع?? جي ڪري قيمتن ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ ان سان غريب متاثر ٿئي ٿو. وزيراعظم صوبائي چيف سيڪريٽرين کي ٽاسڪ ڏنو ته اهي اٽ?? جي پيداوار ۾ اضاف?? جي لاءِ ڪڻڪ جي پيڙهائ?? جي شرح جي حوالي سان ٺوس منصوبو پيش ڪن ته جيئن اٽ?? جي قيمتن کي هيٺ آڻي سگهجي. وزيراعظم پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومتن کي ٽاسڪ ڏنو ته اهي 24 ڪلاڪن ۾ فارمر مارڪيٽس جو انگ وڌائڻ، نجي شعي کي پنهنجي ذاتي مارڪيٽس قائم ڪرڻ ۽ اين او س?? جي شرط ختم ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل منصوبو پيش ڪن.