اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ا??ارن ماحولياتي ??بديلين جي خراب اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ايڪو نظام جي بحالي لاءِ پاڪستان جي قدمن کي ساراهندي قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ گڏيل عالمي ڪوششن جي ضرورت تي ??ور ڏنو آهي. عالمي ا??ارن ماحولياتي ??حفظ لاءِ پاڪستان جي حڪومت جي عزم ۽ قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ چيو ته ان سان ملڪ ۾ قدرتي ماحول ۽ آبگاهن جي تحفظ ۾ مدد ملندي. اها ڳالهه ماحوليات ۽ ماحولياتي ??بديلين جي حوالي سان ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ا??ارن جي عهديدارن پاڪستان جي ميزباني ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ميگا ورچوئل گالا ۾ پنهنجي پيغامن ۾ چئي. ماحوليات جي علامي ڏهاڙي جي موقعي تي ميگا ورچوئل گالا ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو، گالا جي پهرين سيشن جي صدارت ماحوليات واري مملڪتي وزير ملڪ امين اسلم جڏهن ته ميزباني جا فرص سينيٽر فيصل جاويد ادا ڪيا، اجلاس جي آغاز تي ??رڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي موسمياتي ??بديلي واري وزارت جي سيڪريٽري ناهيد ايس دراني چيو ته اسان جي لاءِ اها خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اهو ماحوليات جي تحفظ ۽ موسمياتي ??بديلين جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن ۽ قدمن جو اعتراف آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي وسيلن مان ماحوليات جي تحفظ لاءِ قدم کنيا آهن، مشڪل چئلينجن جي باوجود وزيراعظم عمران خان سرسبز ۽ شاداب ايجنڊا کي مرڪزي حيثيت ڏني آهي، سيڪريٽري چيو ته پاڪستان قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن جي رقبي ۾ اضافي، ماحول دوست معيشت ۽ روزگار، آبگاهن جي تحفظ ۽ عورتن ۽ نوجوانن سميت ملڪي آبادي کي روزگار جي فراهمي لاءِ جامع پروگرام جوڙيو آهي، گڏيل قومن جي ا??اري يو اين سي سي ڊي جي ايگزيڪيٽو سيڪريٽري ا??راهيم ميگا گالا ۾ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ماحولياتي ??حفظ ۽ ايڪو نظام جي بحالي لاءِ مضبوط سياسي عزم جي ضرورت آهي.