اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ اهڙيون حالتون آ??ن جو ماڻهو سڀ ڪجهه ڇڏي نڪري وڃن، طالبان تي پاڪستان جو اثررسوخ آهي پر ڪنٽرول نه آهي. خا??گي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته افغانستان جي معاملي تي پاڪستان جي تجويز کي اڳ ۾ به نه ٻڌو ويو، وزيراعظم عمران خا?? اشرف غني کي چونڊون نه ڪرائڻ جي تجويز ڏني هي، اشرف غني وزيراعظم جي تجويز نه مڃي ۽ حالتون اڄ سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته افغان پناهگير اڃا تائين پاڪستان ۾ داخل ن??هن ٿيا، افغانستان ۾ اهڙي صورتحال نه آهي جو ماڻهو سڀ ڪجهه ڇڏي نڪري وڃن. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ حالتون مستحڪم رهن، پاڪستان جو طالبان تي اثررسوخ آهي پر ڪنٽرول نه آهي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪابل ايئرپورٽ جلد کان جلد کلي وڃي.