اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پا??ست??ن جي بي مثال قربانين کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته پا??ست??ن کي افغانستان جي جنگ جي نتيجن تي الزام هڻڻ نه گهرجي، الزام بازي جو رويو خت?? ڪري افغانستان جي مستقبل طرف ڏسڻ گهرجي، صحيح قدم اهو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ نئين افغان حڪومت سان تعاون ڪيو وڃي، طالبان جي حڪومت ۽ عالمي برادري جي وچ ۾ رابطو هر هڪ جي لاءِ مثبت مفاد رکندڙ هوندو، ماضي جي غلطين کي ورجا??و ته بي چيني، وڏي پئماني تي پناهگيرن ۽ دهشتگردي جهڙا مسئلا وڌندا ۽ سموريون ڌريون متاثر ٿينديون. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار ناليواري آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ۾ شايع ٿيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڪيو. وزيراعظم چ??و ته افغانستان بابت آمريڪي ڪانگريس ۾ تازي بريفنگ کي ڏسي حيرت ٿي ته ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ آمريڪي اتحادي جي حيثيت سان پا??ست??ن جي قربانين جو ڪو ذڪر نه ڪيو ويو پر ان جي بدران اسان کي آمريڪا جي نقصان جو ذميوار قرار ڏنو ويو، 2001ع کانپوءِ بار بار خبردار ڪندو آيو آهيان ته افغان جنگ کٽي نه ٿي سگهجي ڇو ته افغان ڪڏهن به ڊگهي پرڏيهي فوجي تسلط کي قبول نه ڪيو ۽ پا??ست??ن سميت ٻاهران ڪير به ان حقيقت کي تسليم نه ٿو ڪري سگهي. هن چ??و ته بدقسمتي سان نائن اليون کانپوءِ پا??ست??ني حڪومتن غلطي جي نشاندهي ڪرڻ بدران آمريڪا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان وقت جي پا??ست??ن جي فوجي حڪمران پرويز مشرف نائن اليون کانوءِ آمريڪا جي هر مطالبي تي اتفاق ڪيو جنهن جي پا??ست??ن ۽ آمريڪا کي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي. آمريڪا پا??ست??ن کي چ??و ته انهن گروپن کي نشانو بڻايو جن جي سي آءِ اي ۽ اسان جي ڳجهي ايجنسي آءِ ايس آءِ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ سوويت يونين کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ گڏيل طور تي تربيت ڪئي هئي، ان وقت انهن افغانين کي آزادي پسند قرار ڏئي ساراهيو ويو هو، صدر رونالڊ ريگن وائيٽ هائوس ۾ مجاهدن جي ميزباني پڻ ڪئي هئي. وزيراعظم چ??و ته جڏهن سوويت يونين کي شڪست ڏني وئي ته آمريڪا افغانستان کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو، پا??ست??ن ۾ 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگير ۽ افغانستان ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي، انهي سيڪيورٽي خال دوران طالبان اڀري آيا جن مان ڪيترائي افغان پناهگير ڪئمپن ۾ پيدا ٿيا ۽ انهن پا??ست??ن ۾ تعليم حاصل ڪئي. نائن اليون کانپوءِ آمريڪا کي اسان جي ٻيهر ضرورت پئي پر هن ڀيري انهن ماڻهن جي خلاف جن جي اسان عيرملڪي قبضي سان وڙهڻ جي لاءِ گڏجي حمايت ڪئي هئي، پرويز مشرف آمريڪا کي لاجسٽڪس ۽ هوائي اڏن جي آڇ کانسواءِ سي آءِ اي کي پا??ست??ن ۾ پنهنجا قدم ڄمائڻ جي اجازت ڏني، جڏهن ته اسان جي سرزمين تي پا??ست??ن تي بمباري ڪندڙ آمريڪي ڊرون کي نظرانداز ڪيو ويو. هن چ??و ته پاڪ فوج پهريون ڀيرو پاڪ افغان سرحد تي نيم خودمختيار قبائلي علائقن ۾ داخل ٿي ۽ اهو ئي علائقو ان کان اڳ سوويت يونين جي خلاف جهاد ۾ استعمال ٿيندور هيو آهي، انهن علائقن جي آزاد پشتون قبيلن جا طالبان ۽ ٻين عسڪريت پسندن سان گهرا لاڳاپا هئا. وزيراعظم عمران خان چ??و ته انهن ماڻهن جي لاءِ افغانستان ۾ آمريڪا به سوويت يونين وانگر هڪ قابض ملڪ هو جيڪو اهڙي ئي سلوڪ جو مستحق هو، ان وقت جيئن ته پا??ست??ن آمريڪا جو ساٿي هو، ان لاءِ اسان کي قصوروار سمجهندي اسان تي حملا ڪيا ويا. پا??ست??ن جي سرزمين تي 450 کان وڌيڪ آمريڪي ڊرون حملا ڪيا ويا جن سان پا??ست??ن تاريخ جو اهو واحد ملڪ بڻجي ويو جنهن تي اتحادي ئي بمباري ڪئي، انهن حملن سان شهري وڏي پئماني تي مارجي ويا، جنهن سان آمريڪا مخالف ۽ پا??ست??ني فوج جا جذبا وڌي ويا. وزيراعظم چ??و ته پا??ست??ن جي خلاف 2006ع ۽ 2015ع جي وچ ۾ 50 عسڪريت پسند گروهن جهاد جو اعلان ڪيو 7 اسان تي 16 هزار کان وڌيڪ دهشتگرد حملا ڪيا ويا، پا??ست??ن کي 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جو جاني نقصان کڻڻو پيو ۽ ملڪي معيشت کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو، ان ڏس ۾ پا??ست??ن جي 35 لک شهرين کي انهن جي گهرن کان بي گهر ڪري ڇڏيو. هن چ??و ته دهشتگردن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن دوران فرار ٿي افغانستان ۾ داخل ٿيندڙ عسڪريت پسندن ڀارتي ۽ افغان انٽيلي جنس ايجنسدين جي مدد ۽ مالي تعاون سان پا??ست??ن جي خلاف وڌيڪ حملا شروع ڪيا. هن چ??و ته پا??ست??ن کي پنهنجي بقاءَ جي جنگ وڙهڻي پئي، ڪابل ۾ سي آءِ اي جي هڪ اڳوڻي اسٽيشن چيف 2009ع ۾ لکيو هو ته آمريڪا جي سڌوسنئون سخت دٻاءُ سان ملڪ ۾ ڏار پوڻ شروع ٿي ويا ۽ ان جي باوجود آمريڪا اسان کان افغانستان جي جنگ جي لاءِ ڊو مور مطالبو ڪندو رهيو. وزيراعظم چ??و ته مون ان جي هڪ سال اڳ 2008ع ۾ ان وقت جي سينيٽرز جو بائيڊن، جان ايف ڪيري، هيري ايم ريڊ ۽ ٻين ماڻهن سان ملاقات ڪئي، مون ان خطرناڪ صورتحال طرف انهن جو ڌيان ڇڪرايو ۽ افغانستان ۾ جاري بيڪار فوجي مهم بابت انهن کي ٻڌايو. وزيراعظم چ??و ته نائن اليون کانپوءِ سموري عرصي ۾ اسلام آباد ۾ سياسي مفاد غالب رهيو، صدر آصف زرداري جيڪو بنا ڪنهن شڪ جي پا??ست??ن جي قيادت ڪندڙ سڀ کان ڪرپٽ شخص آهي، ان آمريڪا کي چ??و ته هو پا??ست??نين کي نشانو بڻائيندو رهي ڇو ته ضمني نقصان آمريڪين کي پريشان ڪري ٿو ۽ ان سان مون کي پريشاني نه آهي، اسان جو اڳيون وزيراعظم نواز شريف به ان کان مختلف نه هو. پا??ست??ن پاران 2016ع تائين دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ باوجود افغانستان ۾ حالتون مسلسل خراب ٿينديون ويون، پا??ست??ن وٽ هڪ اهڙي منظم فوج ۽ انٽيليجنس ايجنسي هئي جنهن کي عوامي تائيد ۽ حمايت حاصل هئي جڏهن ته افغانستان ۾ ڊگهي جنگ جي لاءِ جواز جي کوٽ کي هڪ بدعنوان ۽ نااهل افغان حڪومت ڳنڀير بڻائي ڇڏيو جنهن کي خاص طور تي ڳوٺاڻي افغان عوام پاران ساک کانسواءِ هڪ ڪٺ پتلي حڪومت طور ڏٺو ويو. هن چ??و ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته ان حقيقت کي منهن ڏيڻ بدران افغانستان جي حڪومت ۽ اولهه حڪومتن پا??ست??ن تي الزام هڻي ان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان تي الزام هنيو و??و ته اسان طالبان کي محفوظ پناهگاهون ڏنيون ۽ سرحد جي ٻنهي پاسن ان کي آزاداڻي چرپر جي اجازت ڏني آهي. وزيراعظم سوال ڪ??و ته جيڪڏهن ائين هجي ها هت ڇا آمريڪا 450 کان وڌيڪ ڊرون حملن مان ڪجهه جو استعمال انهن مبينا پناهگاهن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ نه ڪري ها؟ هن چ??و ته ان جي باوجود پا??ست??ن ٻين قدمن کانسواءِ افغانستان کي مطمئن ڪرڻ جي لاءِ جوائنٽ بارڊر ويزيبلٽي ميڪينزم جي آڇ، بائيوميٽرڪ بارڊر ڪنٽرول جي تجويز ۽ سرحد تي خاردار تار لڳائڻ جي تجويز ڏني جيڪا وڏي حد تائين اسان پاڻ ڪئي آهي پر پا??ست??ن جي هر تجويز کي رد ڪيو ويو، افغان حڪومت ان جي بدران پا??ست??ن تي الزام بازي جو سلسلو تيز ڪيو جنهن ۾ ان کي ڀارت جي فيڪ نيوز نيٽ ورڪس جي مدد حاصل رهي جيڪو سوين پروپئگنڊه آئوٽ ليٽس ڪيترن ئي ملڪن ۾ هلائي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان چ??و ته وڌيڪ حقيقت پسنداڻو طريقو اهو هو ته طالبان سان تمام گهڻو اڳ ڳالهيون ڪيون وڃن ها ته جيئن افغان فوج ۽ اشرف غني جي حڪومت خاتمي جي خفت کان بچي وڃي ها. هن چ??و ته يقينن ان ڳالهه تي پا??ست??ن تي الزام نه هڻڻ گهرجي ته ٽي لکان وڌيڪ تربيت يافته ۽ هٿيارن سان ليس افغان سيڪيورٽي فورسز گهٽ هٿياربند طالبان سان وڙهڻ ??ان ڇو قاصر رهي؟ بنيادي مسئلو افغان حڪومت جي ڍانچي جو هو جيڪو عام افغان جي نظرن م قانوني حيثيت نه رکندو هو. هن چ??و ته اڄ افغانستان هڪ ٻه واٽي تي بيٺل آهي ۽ اسان کي ماضي جي الزام بازي کي جاري رکڻ بدران افغانستان ۾ تشدد کي روڪڻ جي لاءِ مستقبل طرف ڏسڻ گهرجي. هن چ??و ته مون کي يقين آهي ته هاڻي دنيا جي لاءِ اهو صحيح قدم هوندو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نئين افغان حڪومت سان رابطو رکي، عالمي برادري افغانستان جي حڪومت ۾ وڏن نسلي گروهن جي شموليت، افغانين جي حقن جو احترام ۽ طالبان جي ان واعدي کي ڏسڻ گهرندي ته افغانستان جي سرزمين کي ٻيهر ڪڏهن ڪنهن ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي استعمال نه ڪيو ويندو. وزيراعظم چ??و ته جيڪڏهن طالبان اڳواڻن کي خاطري ڪرائي وڃي ته انهن کي حڪومت هلائڻ جي لاءِ مسلسل انساني ۽ ترقياتي مدد ڏني وڃي ٿي ته انهن وٽ پنهنجي واعدن تي قائم رهڻ جو وڏو سبب ۽ صلاحيت هوندي. هن چ??و ته اهڙيون مراعتون ڏيڻ سان ٻاهرئين دنيا کي اهو فائدو ٿيندو ته اها طالبان کي پنهنجي واعدن جو احترا?? ڪرڻ تي راضي ڪندي رهندي، جيڪڏهن اسان اهڙا صحيح قدم کڻندا رهياسين ته اسان اهو حاصل ڪري سگهون ٿا جيڪو دوحه امن عمل جو مقصد هو، هڪ اهڙو افغانستان جيڪو هاڻي دنيا جي لاءِ خطرو نه هجي، جتي افغان چار ڏهاڪن کان تڪرارن کانپوءِ آخرڪار امن جو خواب ڏسي سگهن، ان جي ابتڙ افغانستان کي ڇڏي ڏيڻ، اڳ ۾ به آزمايو ويو آهي، 1990ع جي ڏهاڪي وانگر اهو عمل تمام گهڻو نقصان جو سبب بڻجندو. وزيراعظم عمران خان چ??و ته افراتفري، وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ۽ عالمي دهشتگردي جو ٻيهر رونما ٿيڻ جو خطرو فطري نتيجو هوندو ۽ ان کان بچڻ يقيني طور تي اسان جي هڪ عالمي ضرورت آهي.