اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هاڻي عالمي ميڊيا به ڀارت جي پا??ستان جي خلاف پروپئگنڊه ۽ فيڪ نيوز کي بي نقاب ڪري رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فرانس 24 ٽي وي چينل پا??ستاني ف??ائيه جي افغانستان ۾ پنجشير تي حملي بابت ڀارتي ميڊيا جي جعلي خبرن کي بي نقاب ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فرانس 24 ٽي وي جي وڊيو رپورٽ پڻ شيئر ڪئي. وڊيو ۾ واضح طور تي ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت جي هستي ٽي وي چينل طالبان جي پنجشير تي قبضي جي دعويٰ کانپوءِ پا??ستان ايئر فورس جي پنجشير تي حملن بابت جعلي رپورٽ جاري ڪئي. ڀارت جي ٽائيمز نائو ٽو ڀارت ۽ زي هندستان ٽي وي چينلز پڻ انهي وڊيو جو سهارو وٺي پا??ستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي.