گوجرانوالا-03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص معاون ڊاڪٽر شهب??ز گل چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ذريعي ڪرايون وي??دي??ن ۽ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو حق به ملندو. پنجاب ۾ ايندڙ مڪاني چونڊون به اي وي ايم ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گوجرانوالا ۾ اوورسيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سڄي ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ـ صاف سٿري سياست تي يقين رکي ٿي، سياسي پارٽيون چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي رڙيون ڪ??دي??ن آهن، پر پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن چونڊ سڌارن جي ذميواري کنئي ۽ ا?? سلسلي ۾ قانونسازي ڪئي وئي آهي جنهن تحت ايندڙ چونڊون اي وي ايم ذريعي ڪرايون وي??دي??ن. ڌانڌليءَ جو خاتمو ٿيندو ۽ پاڪستان کي جمهوري لحاظ کان هٿي ملندي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اهڙي مڪاني نظام جو خواهشمند آهي جنهن ۾ حقيقي طور تي اقتدار جي منتقلي ٿئي. ڊاڪٽر شهب??ز گل چيو ته عوام جو چونڊيل نمائندو پنهنجي تڪ جي اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين شين جو فيصلو ڪري سگهندو. هن چيو ته حڪومت عوام سان ڪيل وعدا پورا ڪري رهي آهي.