اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي شعبي علوم اسلاميه جي سربراهه ڊاڪٽر محي الدين هاشمي مسلمان امت تي زور ڏنو آهي ته فرقيواريت ۽ امت کي ڪمزور ڪرڻ جي فتني ک??ن بچڻ لاءِ اخت??اف راءِ جا آداب ??ام??ون رکو ۽ مشاورت سان معاملا سرانجام ڏيو، مسجدن ۽ مدرسن ۾ به اخت??اف راءِ جي آداب کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي ايوان صدر جي مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏيندي ڪيو. خطبي ۾ هن اسلام ۾ اخت??اف راءِ جي آداب کي موضوع بڻايو، هن چيو ته اسا?? کي نبي ڪريم ﷺ جي امتي هجڻ جو شرف حاصل آهي، نبي ڪريم ﷺ آخري خطبي حجته الوداع ۾ فرمايو ته پاڻ سڳورا اسان جي لاءِ ٻه شيون ڇڏي وڃي رهيو آهي، هڪ الله جو ڪتاب ۽ ٻيو سنت رسول ﷺ، جيڪو به انهن ٻن شي?? کي مضبوطي سان پڪڙيندو اهو گمراهه نه ٿيندو. هن چيو ته ڪنهن معاملي تي اخت??اف راءِ هجڻ فطري ڳالهه آهي، علي ترقي ۽ علوم و فنون جو فروغ اخت??اف راءِ جو مرهون منت آهي، پر نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات موجب اخت??اف راءِ جي آداب کي ??ام??ون رکڻ ضروري آهي. مسلمان امت اڄ فرقن ۾ ورهايل آهي ۽ مختلف فرقن جو جتي ڪجهه معا??لن تي اتفاق آهي اتي ڪجه معا??لن ۾ اخت??اف راءِ جي گنجائش به موجود آهي، هن چيو ته صحابه ڪرام رضه سمورن مسئلن جي حل لاءِ نبي ڪريم ﷺ سان رجوع ڪندا هئا، اسان جي فقها اسا?? کي اخت??اف راءِ جا آداب سيکاريا آهن، ادب الاخت??اف جي بنياد تي ئي پنهنجي راءِ ۾ غلطي جي احتمال ۽ مخالف راءِ م درستگي جو امڪا?? کي به رد نه ڪيو وڃي. هن چيو ته جديد دنيا اخت??اف راءِ جي آداب کي سمجهڻ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن ۽ يونيورسٽين ۾ ان جي باقاعده تعليم ڏني ويندي آهي، اسا?? کي پنهنجي مسجدن ۽ مدرسن ۾ به اخت??اف راءِ جي آداب کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، الله تعاليٰ نبي ڪريم ﷺ کي معا??لن ۾ مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن مسلمان امت تي زور ڏنو ته هو اخت??اف راءِ جي ادب کي اختيار ڪري ته جيئن اسان فرقيواريت ۽ امت کي ڪمزور ڪرڻ جي فتني ک??ن محفوظ رهي سگهون.