اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستان جي دوري جي موقعي تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پ??ڪس??ان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مضبوط معاشي حصيداري جي لاءِ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آه??. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ڪاسا 1000 منصوبي تي عملدرآمد جو جائزو پڻ ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پ??ڪس??ان جي بندرگاهن جي ذريعي تاجڪستان جي لاءِ علائقائي انضمام ۽ رابطن تي روشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن پ??ڪس??ان ۽ تاجڪستان کي افغانستان ۾ انساني صورتحال جي ڪري درپيش چئلينجز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علي چيو ته پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ عدم استحڪام جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا. هن تاجڪستان جي صدر کي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پ??ڪس??ان جي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. صدر چيو ته ا??غان معيشت کي بچائڻ جي لاءِ افغانستان جا منجمند اثاثا غيرمنجمند ڪرڻ جي ضرورت آه??. صدر چيو ته سمورن افغانين جي حقن جو احترام ۽ افغان س??زم??ن ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ضروري آه??. هن چيو ته ا??غانستان ۾ امن، مفاهمت ۽ استحڪام جي لاءِ پ??ڪس??ان ۽ تاجڪستان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??. صدر چيو ته ا??غانستان ۾ پائيدار امن خطي ۾ واپار ۽ معاشي موقعا فراهم ڪندو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن موجوده ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.