اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رحمت اللعالمين اٿارٽي ترجيحي بنيادن تي سيرت طيبه جي عملي زندگي تي لاڳو ڪر?? ۾ مدد ڪندي، اٿار??ي جو مقصد نوجوانن کي سيرت جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ آهي ته جيئن هو ان تي عمل ڪري سگهن. اٿارٽي سيرت طيبه جي حوالي سان معاشري ۾ موجود خال جي نشاندهي ڪري تحقيق سان عملي زندگي جي مسئلن جو حل ڳولڻ ۾ مدد ڪندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيشنل رحمت اللعالمين اٿار??ي جي عالمي ايڊوائيزري بورڊ جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس کي اٿار??ي جي ڊگهي مدي ۽ وچولي مدي واري لائحه عمل جي باري ۾ جامع بريفنگ ڏني وئي، ??ن کانسواءِ قدمن تي هن وقت تائين جي اڳڀرائي، سيرت طيبه جي رخن کي نصاب ۾ شامل ڪر?? تي به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي اٿار??ي جي پهرين عالمي تقريب جي حوالي سان تجويزون به ڏنيون ويون. وزيراعظم قدمن تي عملدرآمد کي تيز ڪري ??ن کي مقرر مدي ۾ لاڳو ڪر?? جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ قومي رحمت اللعالمين اٿار??ي جي چيئرمين پروفيسر اعجاز اڪرم، ڊاڪٽر انيس احمد، ڊاڪٽر خالد مسعود ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، ڊاڪٽر جوزف لمبارڊ، ڊاڪٽر عثمان بڪر، بئريسٽر ندرت ماجد ۽ ڊاڪٽر باسط ڪوشل وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.