اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ق??ئد??عظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي عظيم بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ان جي ٻڌايل اص??لن کي اختيار ڪرڻو آهي، جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي آزادي، جدا ۽ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي صلاحيتن، عزم ۽ غيرمعمولي ڪردار جي ڪري پاڪستان جي خواب کي حقيقت ۾ بدلايو آهي. صدر عارف علوي ق??ئد??عظم جي 145 هين پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته موجوده چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان کي اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم ??ي اهم اص??لن تي عمل ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي ترقي ۽ خ??شح??لي جي لاءِ اسان کي نظم ۽ ضبط، ڀائيچاري ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ معاشري جي سمورن طبقن، قوميتن، اقليتن ۽ هر شخص کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ جي خ??شح??لي جي لاءِ معاشري جي نظرانداز ڪيل طبقن جي ڀلائي کي اولين ترجيح ڏيڻي پوندي. صدر چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان کي هڪ عظيم ۽ مضبوط ملڪ بڻائينداسين، پوري قوم محسن پاڪستان ق??ئد??عظم محمد علي جناح کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.