اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نيوٽرل کي مداخلت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو، قومي اسيمبلي کان وٺي پنجاب اسيمبلي تائين عمران خان آئين شڪني ڪرائي، آر ٽي ايس سسٽم ويهاري چئن سالن تائين هڪ نااهل مڙهيو ويو، عمران خان 4 سال پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ جي لا??ِ انتقامي سياست ڪئي، عمران خان سمورن ادارن کي استعمال ڪري مخالفن تي ڪوڙا ڪي?? ٺاهيا، عدالتن ۾ عمران خان جا ٺاهيل ڪي?? ڪوڙا ثابت ٿيا، عدالتن پنهنجي فيصلن ۾ لکيو ته اهي سمورا ڪي?? بي بنياد الزامن تي ٺهيا. عمران خان جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد عمران خان جي نااهلين ۽ ناڪامين کي سامهون آڻڻ آهي، صحيح فيصلن کي عوام تائين پهچائڻ منهنجي ذميواري آهي. هن چيو ته برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي پڻ عمران خان جي ڪي??ن کي ڪوڙو قرار ڏنو، ايسيٽ ريڪوري يونٽ اصل ۾ عمران خان جو ايسيٽ ميڪنگ يونٽ هو. هن چيو ته عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي ضمانت جي خلاف پنهنجي اپيل واپس ورتي، اپيل واپس وٺڻ جو مطلب آهي ته وزيراعظ?? جي خلاف ڪوڙو ڪي?? ٺاهيو ويو. وفاقي وزير مريم اورنگزيب سوال اٿاريو ته عمران خان بطور وزيراعظم مبينا سائفر تي شفاف جاچ ڇو نه ڪرائي؟ عمران خان ڇو 28 مارچ تائي?? ا??تظار ڪيو؟ هن چيو ته نيوٽرل کي مداخلت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو، قومي اسيمبلي کان وٺي پنجاب اسيمبلي تائين عمران خان آئين شڪني ڪرائي. هن چيو ته ميڊيا لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي غلط تشريح تي ٻڌل رپورٽنگ ڪئي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز کي عهدي تان ناهي هٽايو ويو، پي ٽي آءِ وارا فيصلو پڙهڻ کانسواءِ ڌمال هڻن ٿا پوءِ يوٽرن وٺن ٿا. هن چيو ته عمران خان جو مقصد گار ڏيڻ ۽ معاشري ۾ انتشار پکيڙڻ آهي، عمران خان جو روزانو لڳندڙ تماشو بند ٿيڻ گهرجي، فرح گوگي کي استعمال ڪري ذاتي فائدا حاصل ڪي?? ويا. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف 3 ڀيرا عوا?? جي ڏنل مينڊيٽ سان وزيراعظم بڻيو، عمران خان کي ڪوڙ ڳالهائيندي شرم اچڻ گهرجي، عمران خان جي نالائقي جي ڪري اڄ پاڪستاني عوام مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهي آهي.