اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف جي هدايت تي وفاقي حڪومت برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي هڻي ڇڏي جڏهن ته اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز (پي ڊي ايم ايز) جي وچ ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪم کي موثر انداز سان ??را??جام ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن، صلاحڪار، پارليامينٽ ميمبرن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين، سينيئر حڪومتي ميمبرن، اين ڊي ايم اي چيئرمي ۽ ڊي جي موسميات کاتي شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي هدايت تي وفاقي حڪومت برسات ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي هڻي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم ??اڻي و??ري وزارت کي فوري طور تي 5 ارب رپيا اين ڊي ايم اي کي ج??ري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي هڪ قومي فرض آهي، اسان کي پنهنجي پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي عوام جي مدد ڪرڻي آهي. هن چيو ته اسان سياست بعد ۾ ڪنداسين، هينئر انهن ماڻهن جي مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ جو وقت آهي جيڪي سخت مشڪل ۾ آهن، ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دورن دوران مون اتحاد ۽ قومي ٻڌي جي ڳالهه ڪئي ته جيئن اسان سڀ گڏجي ان تمام وڏي چئلينج کي منهن ڏئي سگهون. وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز جي وچ ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪم کي موثر انداز سان ??را??جام ڏيڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. اها ڪميٽي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ و??ري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات و??ري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، هائوسنگ اينڊ ورڪس و??ري وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، پارلياماني معاملن و??ري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن و??ري وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ مواصلات و??ري وزارت جي سيڪريٽري تي ٻڌل هوندي. وزيراعظم ??دايت ڪئي ته ڪميٽي فوري طور تي پنهنجو اجلاس منعقد ڪري ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ ڪوآرڊينيشن کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪري. هن چيو ته ملڪ ۾ موسمياتي تبديلي جي ڏس ۾، وچولي مدي کان ڊگهي مدي و??ري حڪمت عملي ٺاهڻ جي ضرورت آهي، صوبائي حڪومتو?? مستنند معلومات تي ٻڌل رپورٽون وفاقي حڪومت کي موڪلين ته جيئن ٻوڏ ۽ ٻرسا??ن سبب ٿيندڙ نقصانن جو جلد کان جلد ڪاٿو لڳائي سگهجي. هن چيو ته ملڪ ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن کي موسمياتي تبديلي جي ترجيحن موجب آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئ?? مستقبل ۾ ٻوڏ ۽ برساتن جي نقصانن کان بچي سگهجي. وفاقي وزيرن تي ٻڌل ڪميٽين ٻوڏ سٽيل علائقن جي دورن کانپوءِ اجلاس کي بريفنگ، ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سا?? مسئلن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ ج??ري ريسڪيو ۽ ريليف آپريشنز بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو.