استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي پاڪستان ۾ مختلف شعب?? ۾ ??ستياب پرڪشش موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ خاص طور تي قابل تجديد توانائي، دفاعي پيداوار، شمسي توانائي سميت مختلف شعب?? ۾ ??رڪ سيڙپڪارن جي آ??يان ڪنداسين، واپار ۽ سيڙپڪاري کي آ??ان بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته ترڪيه سان ٽن سالن ۾ گڏيل واپاري ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار هتي پاڪستان ترڪيه بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار، دفاعي پيداوار سميت مختلف شعب?? ۾ ??عاون مضبوط ڪرڻ تي اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آ??ان بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته استنبول ۾ پاڪستان ترڪيه بزنس ڪائونسل جي اجلاس سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ملندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعب?? ۾ ??عاون جا وسيع امڪان موجود آهن، ماضي ۾ ترڪيه جي ڪجهه ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ مشڪلاتون رهيون، ترڪيه جي سيڙپڪارن جي مسئلن جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ترڪيه جي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آ??ان بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم گذريل ڏينه?? ۾ ??رڪيه ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته ترڪيه پاڪستان وانگر دهشتگردي جو نشانو بڻجندو رهيو آهي. هن استنبول دهشتگردي ۾ انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي کي هارائڻ جي لاءِ معاشري جي هر طبقي قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگرد انسانيت جي درجي کان هيٺ ڪريل ماڻهو آهن. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستا?? ۾ ??ازي افسوسناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ساڍا ??ي ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته ان سان هڪ هزار 700 ماڻهو فوت ٿيا. هن ??اڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مختلف شعب?? ۾ ??عاون جا بي پناهه امڪان آهن، واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ جي لاءِ ترڪيه سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي، ترڪيه سان ٽن سالن ۾ واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وڌائينداسين. وزيراعظم چيو ته گهڻ رخي رابطن ۾ وڌيڪ اضافي ۽ مختلف شعب?? ۾ ??عاون وڌائڻ جا تمام گهڻا موقعا ۽ بي پناهه امڪان موجود آهن، اسان پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آ??ان بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان ترڪيءَ سان واپار ۾ اضافي جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن. هن چيو ته ماضي ۾ ترڪيه ڪمپنين جي لاءِ ڪجهه مشڪلاتون رهيون آهن، ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جا مسئلا ختم ڪرڻ ۽ انهن جي لاءِ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته مختلف شعبن خاص طور تي قابل تجديد توانائي، دفاعي پيداوار ۽ شمسي توانائي ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي آ??يان ڪنداسين، ان ڏس ۾ پاڪستان جي حڪومت ڀرپور تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته ترڪيه ۾ دهشتگردي جي تازي ڪارروائي مذمت جوڳي آهي جنهن ۾ قيمتي جانين جي زيان تي اسان کي انتهائي ڏک آهي. ان موقعي تي واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ پاڪستاني وفد ۾ شامل ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.