اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون تنظيم جي اي سي او ڪائونسل آف منسٽرز جي 26 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 25 جنوري تي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند جو سرڪاري دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏي??ي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پرڏيهي وزارت ۾ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ان تقريب ??و ٿيم ”رابطن کي مضبوط بڻائڻ جو سال“ ??هي. جيڪو پ??ڪستان جي لاءِ خصوصي دلچسپي ۽ اهميت رکندڙ ??هي.