انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ زلزلي متا??ري?? سان يڪجهتي جي ??ظهار ۽ زلزلي سٽيل علائقن جي ??وري جي لاءِ انقره پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انقره هوائي اڏي تي اعليٰ ترڪ عملدارن ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جي ??فير ڊاڪٽر يوسف جنيد وزيراعظم جو استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو چ??ئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.