اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته گوانتانامو بي حراستي مرڪز مان ٻن پاڪستاني شهرين کي آزاد ڪري وطن واپس موڪليو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻن پاڪستاني شهرين محمد احمد رباني ۽ عبدالرحيم غلام رباني جي??ي گوانتانامو بي جي حراستي مرڪز ۾ قيد هئا، کي آزاد ڪري 24 فيبروري تي پاڪستان واپس موڪليو ويو آهي. بيان موجب پرڏيهي وزارت محمد احمد رباني ۽ عبدالرحيم غلام رباني جي وطن واپسي کي آسان بڻائڻ جي لاءِ هڪ وسيع انٽر ايجنسي جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجما?? چيو ته ??سان کي خوشي آهي ته ??هي پاڪستاني شهري آخرڪار پنهنجي خاندان سا?? مليا آهن.