اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي رعايتي اگهه تي پيٽرول جي فراهمي جو اصولي فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو، وزيراعظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿي?? جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غريب ۽ وچولي طبقي کي مهانگائي جي اثرن کان بچائ?? جي لاءِ قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار?? شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت موجب اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رمضان دوران مفت اٽي جي فراهمي ڪئي ويندي جنهن جي لاءِ پرو??را?? حتمي مرحلن ۾ آهي، ان اسڪيم سان اسلام آباد جي اٽڪل ڏيڍ لک خاندانن کي مفت اٽو ورهايو ويندو. اجلاس کي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن جي لاءِ رعايتي اگهه تي پيٽرول تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ان حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم پرو??را?? کي حتمي شڪل ڏئي جلد پيش ڪر?? جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارا معاشي طور تي ڪمزور طبقي سان تعلق رکن ٿا ۽ حڪومت انهن کي مهانگائي کان بچائ?? جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم اسلام آباد ۾ رمضان دوران غريب ۽ وچولي طبقي کي مفت اٽي جي فراهمي جو فيصلو ڪيو آهي، اسڪيم تحت اسلام آباد جي 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿي?? جي دعوت ڏيندي چيو ته رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي مسئلن کي گهٽ ڪر?? جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته مفت اٽي جي ورڇ کي شفاف بڻائ?? جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جو پرو??را?? تيار ڪيو ويو آهي، پرو??را?? تحت موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي سستي پيٽرول جي فراهمي يق??ني بڻائي ويندي.