اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ??ه انساني سرمائي ۾ ناڪافي سيڙپڪاري هڪ اهم مسئلو آهي ??نهن تي ادارجاتي سطح تي ۽ سياسي قيادت پاران ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ادارن ۽ سياسي قيادت تي قومي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ??جيدگي جو مظاهرو ڪن، متحد ٿين ۽ ڊيليور ڪن. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته حقيقت ۾ اهي ملڪ جا اصل مسئلا آهن پر درپيش حالتن ۾ اهي مسئلا پس منظر ۾ هليا ويا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ٽوئي?? ۾ ??المي بئنڪ ۽ پاڪستان هيومن ڪيپيٽل ريويو جي ڊيٽا تي ٻڌل هڪ قومي روزنامي ۾ شايع ٿيندڙ مضمون پڻ شيئر ڪيو. عالمي بئنڪ جي هڪ نئين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ??ه گهٽ انساني سرمائي جي سيڙپڪاري پاڪستان جي 2047ع تائين هڪ اعليٰ وچولي آمدني وارو ملڪ بڻجڻ جي ڪوششن کي محدود ڪندو. پاڪستان هيومن ڪيپيٽل ريويو موجب جيڪڏهن پاڪستان انساني سرمائي جي ترقي ۾ پنهنجي موجوده رستي تي گامزن رهي ٿو ته 2047ع تائين ان جي في ڪس جي ڊي پي مجموعي طور تي رڳو 18 سيڪڙو تائين وڌندي.