ڪراچي – 14 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي چڪوال جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ملڪ جبار احمد چله جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ??يڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پي??ام ۾ ملڪ جبار احمد چله جي سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ملڪ جبار احمد چله جون پارٽي جي ل??ءِ خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيُون سگهجن. هن مرحوم جي ل??ءِ جنت الفردوس ۽ پونئيرن جي ل??ءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئ??.