اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف قومي اسيمبلي مان اع??ماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو، قومي اسيمبلي جي 180 ميمبرن وزيراعظم تي اع??ماد جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز ا??رف جي ص??ارت ۾ شر??ع ٿيو. اجلاس جي شر??ع ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پوري ملڪ ۾ پارليامينٽ بابت سوال اٿي رهيا آهن، اسان پوري دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پارليامينٽ آئين، جمهوريت ۽ اعليٰ عدليه جي چار ٽي جي اڪثريتي بئنچ سان گڏ بيٺل آهي. بلاول ڀٽو زرداري قرارداد پيش ڪئي ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي وزيراعظم محمد شهباز شر??ف تي مڪمل اع??ماد جو اظهار ڪري ٿي. اسپيڪر راجا پرويز ا??رف قرارداد کي راءِ شماري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ته قومي اسيمبلي جي 180 ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي وزيراعظم محمد شهباز شر??ف تي پنهنجي اع??ماد جو اظهار ڪيو. اسپيڪر راجا پرويز ا??رف چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شر??ف تي 180 ميمبرن اع??ماد جو اظهار ڪيو آهي اهڙي طرح اها قرارداد قومي اسيمبلي پاران منظور ٿي چڪي آهي. اسپيڪر جو چوڻ هو ته مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور زندهه هجي ها ته اڄ ميمبرن جو انگ 181 هجي ها. واضح رهي ته وزيراعظم جي عهدي تي برقرار رهڻ جي لاءِ 172 ميمبرن جو اع??ماد لازمي آهي.