اسلام آباد- 31 مئي (اي پي پي)نوجوانن جي معاملن بابت وز??را??ظم جي خاص مددگار شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته وز??را??ظم يوٿ پروگرام تحت اعليٰ تعليمي ادارن جي باصلاحيت شاگردن ۾ هلندڙ سال ميرٽ جي بنياد تي هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا پيا وڃن، ان لاءِ شاگردن جي آن لائن رجسٽريشن جو عمل جاري آهي. اي??دڙ بجيٽ ۾ نوجوانن لاءِ ڪاروباري ۽ زرعي قرضن لاءِ 100 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. گذريل ڪجهه سالن دوران نفرت سان ڀريل سياست جا نوجوانن تي ناڪاري اثر پيا. مختلف تعميري پروگرامن ذريعي نوجوانن کي هاڪاري سرگرمين طرف راغب ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هلندڙ سال انوويشن اي??ارڊ لاءِ 3 هزار درخواستون مليون. بوٽ ڪيمپس لاءِ چونڊيل 500 ٻارن مان 100 ٻارن کي نيشنل انوويشن اي??ارڊ ڏينداسين. اهڙو خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ کي خاص انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته وز??را??ظم يوٿ پروگرام جي شروعات 13 مارچ 2013ع ۾ پاڪستان ??سل?? ليگ (ن) جي حڪومت ڪئي هئي. ملڪ جي 70 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻَڌل آهي. هن چيو ته يوٿ پروگرام تحت غير رسمي تعليم ۽ هنرمنديءَ تي توجهه ڏني وئي آهي. گذريل 10 سالن جي تجربن کي نظر ۾ رکندي وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي موجوده حڪومت ۾ ان پروگرام ۾ بهتري آندي وئي آهي. هنر جي تربيت تي خاص توجهه ڏني پئي وڃي ته جيئن ٻار تعليم سان گڏوگڏ هنر به سِکن. وز??را??ظم شهباز شريف 2013ع ۾ پنجاب ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم شروع ڪئي هئي، صرف وفاق ۾ نوجوان شاگردن کي 2013ع کان 2018ع تائين 5 لک ٽاپ ڏنا ويا. ڪورونا دوران نوجوانن ليپ ٽاپ ذريعي روزگار ۽ تعليمي سرگرميون جاري رکيون. هن چيو ته ليپ ٽاپ جي رجسٽريشن جو پورٽل کُلڻ کانپوءِ نوجوانن ان کي تمام گهڻو ساراهيو آهي. هلندڙ سال اعليٰ تعيلمي ادارن جي هڪ لک باصلاحيت نوجوانن ۾ ميرٽ جي بنياد تي ليپ ٽاپ ورهايا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اي??دڙ مالي سال دوران ليپ ٽاپ اسڪيم جو دائرو وڌايو ويندو. نوجوانن کي مفت ليپ ٽاپ جي فراهميءَ سان گڏوگڏ آسان شرطن تي ان لاءِ قرضن جي فراهميءَ جي تجويز به آهي. وز??را??ظم هنرمند پروگرام تحت مختلف شعبن ۾ 70 سيڪڙو هاءِ ٽيڪ اسڪلز ۽ 30 سيڪڙو روايتي مهارتن جي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي جي تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران ناڪاري سياست، سياسي انتقام ۽ نفرت جي بنياد تي سياست ڪئي وئي، جنهن ذريعي نوجوانن کي خاص طور تي ورهايو ويو. گذريل پنجن سالن دوران اسان جي سياسي قيادت کان سياسي انتقام ورتو ويو، ان جا اثر نوجوانن جي ذهني صحت، واڌ ويجهه ۽ ڪردار تي پيا. هن چيو ته هاڻي نوجوانن کي يوٿ پروگرام تحت انگيجمينٽ ذريعي هاڪاري سرگرمين طرف راغب ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وز??را??ظم بزنس ۽ زرعي لون اسڪيم جو مقصد ملڪ ۾ ننڍي ڪاروبار ۽ زراعت کي هٿي وٺرائڻ آهي. پاڪستان جهڙي زرعي ملڪ ۾ معيشت ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي. گذريل سال ٻوڏ سبب پاڪستان جو وڏو حصو متاثر ٿيو، انهن علائقن ۾ ننڍن آبادگارن ۽ زراعت سان لاڳاپيل نوجوانن جي مدد لاءِ زرعي قرضن جي فراهمي شروع ڪئي وئي. وز??را??ظم 24 جنوريءَ تي ان اسڪيم جو افتتاح ڪيو هو، هاڻي تائين 22 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. 30 جون تائين 30 ارب رپين جا قرض فراهم ڪرڻ جو هدف حاصل ڪري وٺنداسين. هن چيو ته اي??دڙ بجيٽ ۾ وز??را??ظم يوٿ بزنس ۽ زرعي لون اسڪيم لاءِ 100 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، ان ۾ 50 ارب رپيا قرض ڪاروباري ۽ 50 ارب رپيا قرض زرعي مقصدن لاءِ ڏنو ويندو. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو صحتمند سرگرمين ۾ شامل ٿين، پنهنجي توجهه پڙهائي، ڪردار سازي ?? راندين جهڙين هاڪاري سرگرمين تي ڏين.