بغداد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي ??زيربلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سندس عراق جي دوري سان پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ گڏي?? تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، ٻن??ي ملڪن سدائين مشڪل ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عراق جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي بغداد ۾ عراقي هم منصب ڊاڪٽر فواد حسين سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عراق جو دورو ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان مان زائرين جو هڪ وڏو انگ هر سال عراق اچي ٿو. پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي صدر ڊاڪٽر عبداللطيف رشيد سان پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري ۽ عراقي صدر گڏي?? تعاون جي سمورن شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ احترام ۽ روايتن تي ٻڌل گهرا ڀائراڻا ويجها لاڳاپا آهن. بلاول ڀٽو زرداري عراقي وزيراعظم محمد شياع السوداني سان ملاقات دوران پاڪستان پاران عراقي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي ??زير ملاقات ۾ پاڪستان پاران عراق سان مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن عراقي وزيراعظم سان ملاقات ۾ ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پڻ عزم جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري بغداد ۾ عراقي پرڏيهي ??زي ڊاڪٽر فواد حسين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات دوران چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ گهرا دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. ٻن??ي پرڏيهي ??زيرن جي وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ ??فا??تي لاڳاپن سميت تعاون جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري جي عراق جي سرڪاري دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ مفاهمت جي ٻن ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون. ٻن??ي ملڪن ثقافتي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ ??فا??تي ۽ سرڪاري پاسپورٽ تي ويزا جي خاتمي لاءِ پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻن??ي پرڏيهي ??زيرن تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان اڳ پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري جو عراق جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بغداد پهچڻ تي عراقي پرڏيهي ??زير سميت ٻين عراقي عملدارن?? بغداد ۾ پاڪستان جي سفير احمد امجد علي ۽ ??فا??تخاني جي سينيئر آفيسرن ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري کي دوري جي دعوت عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي ??زير ڊاڪٽر فواد حسين ڏني آهي.