انقره -03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنان آڪ (زورلوگروپ) ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ زورلوگروپ جي پا??ستان ۾ ونڊ پاور ۽ شمسي توانائي جي منصوبن جي حوالي س??ن ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ وزيراعظم کي زورلو گروپ جي پا??ستان ۾ اليڪٽرانڪ، توانائي ۽ ٻين شعبن م سيڙپڪاري ۾ دلچسپي بابت آگاهه ڪيو ويو، جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ خاص مددگار طارق فاطمي، ترڪيھ ۾ پا??سان جو سفير ڊاڪٽر يوسف به شريڪ هئا.