اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي ملڪ دشمني ۽ غداري بي نقاب ٿي چڪي آهي، ان ک?? پاڪستان جي قومي، دفاعي ۽ معاشي مفاد سان ڪو تعلق نه آهي، هي پنهنجي ايجنڊا مڪمل ڪرڻ چاهي ٿو، آمريڪا کي منٿون ڪري ر??يو آهي ته پاڪستان ت?? پابندي لڳايو ۽ ملٽري ايڊ بند ڪريو، هي اهڙو خودڪش بمبار آهي جيڪو ڪڏهن معيشت تي ڦاٽي ٿو، ڪڏهن عوام جي ر??زگار تي ۽ ڪڏهن پاڪستان جي ترقي تي، 9 مئي سانحي جي شرپسندن جي گرفتاري تي هن شخص جي انساني حقن جي واويلا کي ??نيا رد ڪري ڇڏيو آهي، هن شخص جي هر سازش ۽ مشن هر ڀيري ناڪام ٿي وڃي ٿو. پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال بهتر بجيٽ پيش ڪنداسين. بجيٽ جي حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ مشاورتي اجلاسن جو سلسلو جاري آهي، بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ اتحادي حڪومت جي ترجيح آهي، اٽو، ڪوڪنگ آئل، ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي تي فوڪس آهي جڏهن ته نوجوانن جي لاءِ وڏو پروگرام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آبادگار پئڪيج جي ڪر?? پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار ٿي، ان پئڪيج جي هاڻي ٻي قسط اچي ر??ي آهي. هن چيو ته اتحادي حڪومت ملڪ جو معاشي رخ صحيح ڪيو آهي. هن چيو ته ڪنهن به م??ڪ ۾ سياسي استحڪام کانسواءِ معاشي ترقي ممڪن نه آهي. هن چيو ته 2013ع کان 2018ع تائين م??ڪ ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هئي ۽ ملڪ ترقي ڪري ر??يو هو، ان دور ۾ سي پيڪ منصوبو شروع ٿيو، معيشت مستحڪم ٿي، آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ٿيو، 14000 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي، لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي جو خاتمو ٿيو. نواز شريف صوبن جي اندر اڪثريت رکندڙ پارٽين کي ??ڪومت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو ڇو ته ان کي ??بر هئي ته م??ڪ ۾ سياسي استحڪام هوندو ته ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته 2018ع کان وٺي 2022ع تائين حالتون سڀني جي سامهون آهن، 2018ع ۾ پاڪستان تي هڪ خاص مائنڊ سيٽ کي مڙهيو ويو جنهن چار سالن ۾ معيشت جو جنازو ڪڍيو، عوام کان روزگار کسيو، ماني، بجلي، گئس، دوائون مهانگيون ڪيون، 6.2 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪندڙ ملڪ منفي تي هليو ويو، آءِ ايم ايف جو پروگرام آندو ۽ پوءِ ان جي خلاف ورزي ڪري ان کي معطل ڪيو، هن شخص لکين ماڻهن کي ??يروزگار ڪيو، دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، ملڪ مخالف ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان پئسو گهرايو، ڪشمير جو سودو ڪيو، ان جو مقصد عوام جو روزگار ختم ڪرڻ ۽ م??ڪ ۾ دهشتگردن کي ٻيهر پناهه ڏيڻ هو. هن شخص سائفر جي ڪهاڻي ٺاهي ۽ الزام هنيو ته آمريڪا سازش تحت ان جي حڪومت ڪيرائي ۽ پوءِ ان سازش کي محسن نقوي سان ڳنڍي ڇڏيو ۽ اڄ هي شخص آمريڪا کي منٿون ڪري ر??يو آهي. هن چيو ته جنهن وقت به آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول ايگريمنٽ ويجهو اچي ٿو، هي شخص جلاءُ گهيراءُ ۽ غنده گردي شروع ڪري ڇڏي ٿو، ان جي خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي ناڻي وارن وزيرن آءِ ايم ايف پروگرام روڪڻ جي لاءِ خط لکيا. هن چيو ته هن شخص ڪڏهن آمريڪا تي الزام هنيو ۽ ڪڏهن جنرل باجوه تي ۽ اڄ ان جو پنهنجو بيانيو دم ٽوڙي ر??يو آهي. وفاقي وزير چيو ته 9 مئي سانحي ۾ پي ٽي آءِ جي شرپسندن سرڪاري ملڪيتن کي ??اهه لڳائي، ريڊيو پاڪستان جي عمارت ساڙي ڇڏي، حساس عمارتن تي حملا ڪيا، ڇا اها سياست آهي؟ اڄ معيشت مستحڪم نه ٿي ر??ي آهي ته ان جو ذميوار اهو مائنڊ سيٽ آهي جيڪو ملڪ جي خلاف ڪم ڪري ر??يو آهي، هي شخص چاهي ٿو ته هن م??ڪ ۾ مهانگائي ۽ دهشتگردي ختم نه ٿئي، چار سال هي اقتدار ۾ رهيو ۽ هن جي ايجنڊا اڻ مڪمل رهي ۽ هاڻي پنهنجي ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن کي ملڪ دشمني تي اتساهي ر??يو آهي. هن چيو ته هن شخص کي پنهنجي اڻ مڪمل مشن کي مڪمل ته ڪرڻو هو، ان لاءِ ميڊيا آڏو ويهي چوي ٿو ته م??ڪ ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون ٿي ر??يون آهن پر دنيا ان تي يقين نه ٿي ڪري ڇو ته ان جي ملڪ سان دشمني ۽ غداري بي نقاب ٿي چڪي آهي. هي ٻاهرئين ملڪ ماڻهن کي پلانٽ ڪري ٿو ته يو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ مان پاڪستان ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي بيان ڏيارين، اهي چون ٿا ته هي انساني حقن جو مسئلو نه آهي ه?? پاڪستان جو اندروني سياسي مسئلو آهي، اسان ان تي تبصرو نه ڪنداسين. هن چيو ته هن شخص ک?? پاڪستان جي قومي، دفاعي ۽ معاشي مفاد سان ڪو تعلق نه آهي، اڄ هي پنهنجي ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا کي منٿون ڪري ر??يو آهي ته پاڪستان ت?? پابندي لڳايو، ملٽري ايڊ بند ڪريو، هي اهڙو خودڪش بمبار آهي جيڪو ڪڏهن معيشت تي ڦاٽي ٿو، ڪڏهن عوام جي ر??زگار تي ۽ ڪڏهن پاڪستان جي ترقي تي. هن چيو ته 9 مئي سانحو هن شخص جي سازشن جي ڪڙيءَ آهي، ڪو ٻهروپيو ۽ فراڊيو عوام کي هر وقت بيوقوف نه ٿو بڻائي سگهي. هن چيو ته جڏهن ان جو بيانيو دم ٽوڙڻ شروع ٿيو ۽ ان جي خلاف ڪيسز جي جاچ ويجهو آئي ۽ پوليس وارنٽ کڻي زمان پارڪ وئي ته ان تي پيٽرول بم اڇلايا ويا، عورتن ۽ ٻارن کي ڍال بڻائي انساني حقن جي خلاف ورزي ڪئي، جلاءُ گهيراءُ ڪيو، هن شخص پنهنجي اقتدار ۾ قومي خزاني تي ڌاڙو هنيو، توشه خانه ڦريو، عوام سمجهي چڪي آهي ته هي ملڪ ۽ قومي خزاني تي مڙهڻ جو بائي پراڊڪٽ هو، هن شخص جون سموريون سازشون بي نقاب ٿي چڪيون آهن، اڄ جيڪڏهن پي ٽي آءِ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ر??ي آهي ته ان جو ذميوار عمران آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي انٽرنيشنل چيپٽر جا عهديدار پاڪستان جي ملٽري ايڊ بند ڪرائڻ جي مهم هلائي ر??يا آهن، اها ملڪ دشمن ايجنڊا آهي، اها سياست نه ملڪ سان غداري آهي. هن چيو ته هن شخص جي هر سازش ۽ مشن هر ڀيري ناڪام ٿي وڃي ٿو، عوام کي ??ن جي ارادن جي خبر پئجي چڪي آهي، ان جي ملڪ دشمني ۽ ملڪ سان غداري بي نقاب ٿي چڪي آهي، ڪو به محب وطن ملڪ دشمني تي ٻڌل قدمن جو حصو نه ٿو بڻجي سگهي. هن چيو ته هي شخص چاهي ٿو ته ڪو به ملڪ ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان جو ساٿ نه ڏي، هن اسان جي دوست ملڪن کي ناراض ڪيو. هن چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ ڪهڙو سياسي ليڊر هوندو جيڪو عورتن ۽ ٻارن کي ??نساني ڍال طور استعمال ڪري؟ اڄ دنيا هن شخص جي انساني حقن جي واويلا کي ??د ڪري ر??ي آهي ڇو ته دنيا ان جي اصليت ڄاڻي چڪي آهي. هن چيو ته ڪو به محب وطن شخص شهيدن جي يادگارن تي پٿر نه ٿو هڻي، اهو ڪم رڳو ملڪ دشمن عنصر ئي ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته جنهن جو مشن ملڪ دشمني تي ٻڌل هجي اهو ڪڏهن به ملڪ جو نه ٿو سوچي، هو رڳو سائفر جي ڳالهه ڪندو، هو آءِ ايم ايف کي ر??ڪڻ، جلاءُ گهيراءُ، ملڪ ٽوڙڻ، معيشت کي ??باهه ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو، ملڪ ت?? پابنديون لڳرائڻ جي ڪوشش ڪندو، ان جي لاءِ ان جي ذات ملڪي دفاع کان وڌيڪ آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي حفاظت رياست پاڪستان ۽ 22 ڪروڙ عوام ڪندي ۽ هن شخص جو هر منفي مشن ناڪام ٿيندو. هن چيو ته اسان اڳ ۾ به هن ملڪ جي معيشت ٺيڪ ڪئي هئي، هاڻي به ڪنداسين، دهشتگردي جو خاتمو ڪنداسين، نوجوانن کي ر??زگار ڏينداسين، عوام کي ??ستي ماني مهيا ڪنداسين، مهانگائي گهٽ ڪنداسين. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ دشمن ايجنڊا ۾ جيڪو به ملوث هجي، ان کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي. نگران سيٽ اپ جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته اڃا تائين ان بابت ڪا مشاورت ناهي ٿي، ليڊر آف دي هائوس ۽ اپوزيشن ليڊر جي وچ ۾ اها مشاورت جڏهن ٿيندي ته قوم جي سامهون ٿيندي، اسان بند ڪمرن ۾ تاحيات ايڪسٽينشن ڏيندڙن مان نه آهيون، اسان فيصلا به عوام جي سامهون ڪنداسين ۽ عوام ۽ ملڪ جي حق ۾ ڪنداسين. هڪ سوال تي هن چيو ته اسان معاشي استحڪام آڻڻ چاهيون ٿا، وزيراعظم شهباز شريف عوام کي ر??ليف ڏيڻ جي لاءِ پاڻ ميٽنگز چيئر ڪري ر??يو آهي، آءِ ٽي سيڪٽر، ايگريڪلچر، ايڪسپورٽس سميت ٻين شعبن ۾ ڪاروباري آسانيون پيدا ڪيون پيون وڃن ۽ ٽيڪس مراعتن جو هڪ وڏو پئڪيج آندو پيو وڃي. هڪ سوال تي هن چيو ته اسان ڪنهن به سياسي ليڊر کي ??ڪيلو ڪرڻ تي يقين نه ٿا رکون ڇو ته اسان اهڙي صورتحال ڀوڳي چڪا آهيون. پي ٽي آءِ جي ماڻهن اڃا تائين اهڙو ڪجهه ڀوڳيو ئي نه آهي، اسان ته ڌيئرن ۽ ڀينرن سان گڏ جيلون ڪاٽيون آهن. هن چيو ته اسان پنهنجي ليڊر نواز شريف سان گڏ شيهي جي ديوار وانگر بيٺل رهياسين ڇو ته پاڪستان جي عوام کي ??بر هئي ته نواز شريف جي خلاف سڀ ڪجهه سياسي انتقام آهي ۽ اسان بهادري سان ان سياسي انتقام کي منهن ڏنو. هن چيو ته هڪ سياسي ليڊر ۽ ڏوهاري ۾ فرق کي ??مجهڻو پوندو. هڪ سوال تي هن چيو ته نجم سيٺي پي سي بي جو چيئرمين آهي، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ هن تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن، ڊويزنل ۽ ڊسٽرڪٽ سطح تي يوٿ کي فعال ڪيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اسان ڪنهن به منفي مشن تي ڪم نه ٿا ڪريون، 2013ع ۾ اسان جو مشن ملڪ جي ترقي، بجلي ٺاهڻ ۽ دهشتگردي ختم ڪرڻ هو، اسان ملڪ جي نوجوانن کي ڪاروبار ڏنو، مهانگائي ختم ڪئي، م??ڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آندي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جمهوري طريقي سان بي اعتمادي ر?? جي ذريعي هڪ نالائق، نااهل، سازشي، فارن ايجنٽ ٽولي ک?? پارليامينٽ کان ٻاهر ڪڍيو. هن چيو ته هن وقت اسان جو مشن ملڪ کي ??رقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ آهي، ان جو رخ صحيح ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اقتصادي استحڪام ۽ امن اسان جي ترجيح آهي. هاڻي هن ملڪ جي اندر سياسي استحڪام به ايندو ۽ معاشي ترقي به ٿيندي، نوجوانن کي ر??زگار به ملندو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ت?? پابندي پي ٽي آءِ جي چيئرمين جو فيصلو آهي، اهو ڪنهن ٻئي جو فيصلو نه آهي.