لاهور – 13 جون (اي پي پي) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي ??اهه سان ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو ۽ سامونڊي طوفان بائپر جوائي کي منهن ڏيڻ لاءِ پنجاب حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي يقين ڌياني ڪرائي. نگران وڏي وزير چيو ته ريسڪيو 1122، پي ڊي ايم اي سميت پنجاب جا لاڳاپيل ادارا هر وقت سنڌ جي ڀيڻ ڀائرن جي ??دد لاءِ حاضر آهن ۽ ساحلي ??لائقن ۾ آبادي جي انخلا جي حوالي ??ان به سنڌ حڪوم?? جي ??دد لاءِ تيار آهيون. وڏي ڀاءُ جي حيثيت سان سنڌ جي ڀيڻ ڀائرن جي هر ممڪن ??دد ڪرڻ ذميواري قومي فرض سمجهي نڀائينداسين. هن چيو ته پنجاب جي امدادي سرگرمين سان لاڳاپيل ادارن کي سنڌ حڪوم?? جي ??دد لاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي ??اهه سهڪار جي يقين ڌياني تي پنجاب جي نگران وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيا آهيون ۽ ضرورت پوڻ تي آگاهه ڪنداسين.