سيالڪوٽ -16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي، ته ميرٽ جي پاليسي ئي پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائيندي، هلندڙ مالي سا?? دوران هڪ لک شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ويندا، عوام جي فلاح و بهبود اسان جي اولين ترجيح آ??ي، ڪا به قوم عورتن کان سواءِ اڳتي نٿي وڌي سگ??ي، عوام ٻيهر موقعو ڏنو ته شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏينداسين، آ3 ايم ايف سا?? معاهدي سبب رپئي جي قدر ۾ ا??تحڪام آيو آ??ي، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏنو، معيشت مضبوط ٿيندي ته قرضن کان نجات ملندي. گورنيمنٽ ڪاليج ويمن يونيورسٽي سيالڪوٽ ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي هونهار نياڻين سا?? ملي خوشي ٿي آ??ي، خواجه آصف سا?? منهنجي رقابت گورنمينٽ ڪاليج جي شاگردي واري دور کان آ??ي، وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت شاگردن کي ليپ ٽاپ جي فراهمي انهن جي قابليتن جو اعتراف آ??ي، هي ڪو احسان ناهي ميرٽ تي اوهان کي هي ليپ ٽاپ ڏنا ويا آهن، انهن ۾ ڪا به علائقائي يا سفارش کي نظر ۾ نه رکيو ويو آ??ي، هن پاليسي تي عمل پيرا ٿي پاڪستان کي عظيم قوم بڻايو ويندو، دنيا انهي پاليسي تحت عروج حاصل ڪيو. هن چيو ته ليپ ٽاپ جي ورهاست جو منصوبو 2011ع ۾ شروع ڪيو ۽ ميرٽ تي پنجاب کان علاوه ٻين صوبن جي شاگردن کي پڻ ليپ ٽاپ ڏنا ويا. پنجاب جي وڏي وزير طور ٻين صوبن لاءِ به سوچيو ڇاڪاڻ ته اهڙي طرح پاڪستان ترقي ڪري سگهيو ٿي، هن چيو ته هڪ لک ليپ ٽاپ جي ورهاست جو منصوبو 23-2022ع جو ا??ي، هلندڙ مالي سا?? هڪ لک وڌيڪ ليپ ٽاپ ڏيڻ جو منصوبو آ??ي، اسان خوراڪ، دوائن ۽ پيٽروليم گهرائڻ جي اجازت ڏني، هي اسان جون ترجيحات هيون، ان کان علاوه ايترا چئلينج هئا جو انڊسٽري سميت ٻيو ضروري شيون گهرائڻ ۾ مشڪلاتون هيون جڏهن ته اها خبر هئي ته شاگردن کي گهربل سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن، انهي لاءِ 45 ملين ڊالر مهيا ڪري اهي ليپ ٽاپ گهرايا ويا، اسان پنهنجي شاگردن کي تعليم جي زيور سا?? آراسته ڪرڻ چاهيون ٿا ته کين وظيفن سميت سموريون سهولتون فراهم ڪرڻيون پونديون. اسان پاڪستان ايجوڪيشن انڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو آ??ي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ هن سا?? جي بجيٽ ۾ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ڪا به قوم عورتن جي ڀرپور حصي کان سواءِ ترقي نٿي ڪري سگ??ي، انهي لاءِ عورتن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻيون پونديون، دنيا ۾ عورتون مردن سا?? ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ شامل آهن. هن چيو ته اسان جي حڪومت ايندڙ مهيني پنهنجو مدو پورو ڪندي، آئينده جيڪا به حڪومت ايندي اها تعليم جي رستي ۾ ڪا به رڪ??وٽ نه اچڻ ڏئي، جيڪڏهن نواز شريف جي قيادت ۾ ا??ان کي موقعو مليو ته قوم سا?? اهو واعدو آهي ته تعليم جي ميدان ۾ 2011ع ۾ جيڪو انقلاب شروع ڪيو هو ان کي پڄاڻي تي پهچائينداسين ۽ هر شاگرد کي ليپ ٽاپ ڏينداسين. مسلمان معياري تعليمي ادارا نه هئڻ سبب تعليمي ميدان ۾ پٺتي رهجي ويا. مسلمان پنهنجي علم عيوض ماضي ۾ دنيا تي حاوي هئا، تعليم ۾ ترقي جو راز لڪيل آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف سا?? اسان معاهدو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ رپيو مستحڪم ٿيو جنهن سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏنو، معيشت مضبوط ٿيندي ته قرض نه وٺڻا پوندا، زراعت، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل سميت هر شعبي ۾ ترقي لاءِ بنيادي شرط محنت آ??ي، وزيراعظم ان موقعي تي شاگردن ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهايا.