اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي عظيم ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته لي?? ٽاپ ۽ قرض اسڪيم سان هوشيار غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون فائدو کڻندا، يوٿ پروگرام جي ذريعي هيستائين 30 ارب رپيا ورهايا ويا آهن، پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جي لاءِ 5 ارب رپيا رک??ا آهن، ٻيهر چونڊجي آيس ته نوجوانن جي لاءِ رک??ل رقم وڌيڪ وڌائيندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيجيٽل يوٿ هب پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام کي سڄي ملڪ ۾ تيز رفتاري سان ڦهلايو پيو وڃي، مون پشاور، ڪراچي، لاهور، گوادر جا دورا ڪيا آهن، سڄي ملڪ ۾ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميرٽ تي لي?? ٽاپ ڏنا پيا وڃن، يوٿ پروگرام سان ڪاروبار، زراعت ۽ ايس ايم ايز جي لاءِ قرضن جي مد ۾ هيستائين 30 ارب رپيا بئنڪن ذريعي ورهايا ويا آهن. يوٿ اسپورٽس پروگرام جي لاءِ بجيٽ ۾ 5 ارب رپيا رک??ا ويا آهن. آءِ ٽي پروگرام فري لانسز، فني تربيت ۽ ٻين شعبن جي لاءِ مجموعي طور تي بجيٽ ۾ 80 ارب رپيا رک??ا ويا آهن. نوجوانن کي ڪاروبار جي لاءِ قرضن جي مد ۾ 5 ارب رپين جي رقم رک?? آهي. وظيفن جي لاءِ به 5 ارب رپيا رک??ا ويا آهن. هن چيو ته 2008ع ۾ پنجاب ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ اسان قائم ڪيو هو ۽ 10 سالن ?? هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 22 ارب رپين جا وظيفا ورهايا، جنهن سان 4 لک کان وڌيڪ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين فائدو کنيو. هاڻي وفاق جي سطح تي پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ 5 ارب رپيا رک??ا آهن ۽ اها رقم هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ورهائي ويندي. وزيراعظم چيو ته منهنجو وس هلي ته 5 ارب رپين جي اها رقم وڌائي 500 ارب رپيا ڪري ڇڏيان، نوجوان ان پورٽل ذريعي پنهنجو پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي سگهن ٿا، لي?? ٽاپ اسڪيم سرڪاري تعليمي ادارن جي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ آهي، پرائيويٽ تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ نه آهي، ڇو ته اهي وڏي فيس ادا ڪري سگهن ٿا ته لي?? ٽاپ به خريد ڪري سگهن ٿا. لي?? ٽاپ ۽ قرض اسڪيم سان غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون فائدو کڻندا. هن چيو ته هاڻي ٻيهر چونڊجي آياسين ته نوجوانن جي لاءِ رک??ل رقم ۾ اضافو ڪنداسين، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، اسان گڏجي ملڪ کي عظيم بڻائينداسين، نوجوانن مان به اميد آهي ته اهي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اربين رپيا فراهم ڪيا ويا آهن، تاريخ ۾ نوجوانن جي لاءِ پهريون ڀيرو يوٿ اسپورٽس فيسٽيول منعقد ڪيا ويا، لي?? ٽاپ اسڪيم تحت هڪ لک لي?? ٽاپ ورهايا ويا آهن، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ به 5 ارب رپيا رک??ا ويا آهن. هن چيو ته نوجوانن جي لاءِ حڪومتي قدمن بابت پورٽل جاري ڪرڻ انتهائي اهميت رک??دڙ آهي، ان سان نوجوانن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. سينيٽر عبدالقيوم چيو ته سي پيڪ نواز شريف ۽ چين جي صدر شي جن پنگ جو گڏيل ويزن هو، نوجوان اسان جي ملڪ جو سرمايو آهن، مسلم ليگ (ن) ملڪ مان دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي.