اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت ۾ چينج مئنيجمينٽ قدم تحت ڊيجيٽلائيزڊ سسٽم جي شروعات ڪري ڇڏي. پرڏيهي وزير ڊيجيٽلائيزڊ سسٽم جي شروعات ۽ سولرائيزيشن پروگرام ??ي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب جي ??وقعي تي خطاب ڪندي چيو ته بطور پرڏيهي وزير اهو منهنجو منشور هو ته پرڏيهي وزارت کي بهترين بڻاي?? وڃي ۽ ان ڏس ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۽ پرڏيهي آفيس جي ??چ ۾ بهترين رابطو قائم ڪي?? وڃي. هن چيو ته پرڏيهي وزارت ۾ مجموعي طور تي 51 منصوبن تي ڪم ڪيو ويو، پرڏيهي وزارت ۾ 19 منصوبا مڪمل ٿيا آهن جڏهن ته 25 تي ڪم جاري آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فارن سروس اڪيڊمي، اي ميلنگ، پبلڪ ڊپلوميسي ۽ ڪونسلر سروسز سميت ڪيترن ئي منصوبن ۾ بهتري آندي وئي آهي، ڊيجيٽلائيزيشن جي ??نصوبي تحت اسان مختلف انتظامي شعبن ۾ بهتري آندي آهي جڏهن ته ايڇ آر، فنانس سميت اي ميل سسٽم کي ڊيجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڏس ۾ پرڏيهي وزارت ۾ شمسي توانائي مان فائدو حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، شمسي توانائي جي ??نصوبي تي چين جا ٿورائتا آهيون. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پرڏيهي وزارت جي ??ئين ويب سائيٽ پڻ ڊيولپ ڪئي آهي، چاهيندا هئاسين ته هڪ اهڙو پليٽ فارم هجي جيڪو عام ماڻهن جي ??اءِ آسان سان پهچ جوڳو هجي. هن چيو ته پاڪستان دنيا سان لاڳاپن جي بهتري لاءِ قدم کنيا، ايف اي ٽي اي جي گري لسٽ مان وقت کان اڳ نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان کي چيو آهي ته دهشتگردن کي پنهنجي سرزمين استعمال نه ڪرڻ ڏين، افغانستان ج?? مسئلن کي اسان بهتر طري??ي سان سمجهي سگهون ٿا، مسئلن جي حل لاءِ افغانستان جي ??ر طرح کان مدد لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته روس – يوڪرين جنگ جي ڪري دنيا کي غيرمعمولي حالتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي.