اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب رٿ پيش ڪئي ته پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2002ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. بل تي ڳالهائيندي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سين??ٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته صحافين جي هڪ حلقي جا بل تي خدشا هئا، باقي تنظيمن ان جي حمايت ڪئي، صحافين جو هڪ وڏو وفد جنهن ۾ مختلف تنظيمن جا عهديدار شامل هئا، انهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڪجهه وفاقي وزير به موجود هئا، صحافتي تنظيمن جي عهديدارن وزيراعظم کي ٻڌايو ته هي بل صحافتي برادري جي لاءِ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو، صحافين بل جي منظوري جي لاءِ پريس گيلري مان واڪ آئوٽ پڻ ڪيو ??و ۽ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کين يقين ڏياريو ??و ته ان بل کي منظور ڪرايو ??يندو ڇو ته ان سان پگهارن ۽ سيڪيورٽي جا معاملا واڳيل آهن، وزيراعظم پڻ هدايت ڪئي ته هي بل منظوري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ??ڃي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اپريل 2022ع ۾ پيمرا آرڊيننس ۾ ترميم جي عمل جي شروعات ڪئي وئي، ان ۾ ڪيترين ئي شق?? جي تبديلي ضروري هئي. هن چيو ته اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پ?? ايف يو جي، پ?? بي اي، ايمنڊ سميت سمورن ميڊيا نمائندن سان گڏجي ان پراسيس کي شروع ڪيو، ڊگهي مشاورت کانپوءِ مس انفارميشن، ڊس انفارميشن کي ان بل ۾ شامل ڪيو ??يو. هن چيو ته پيمرا آرڊيننس 2002ع تحت پيمرا چيئرمين ڪنهن به چينل کي بند ڪري سگهي ٿو، معطل ڪري سگهي ٿو، لائيسنس رد ڪري سگهي ٿو، هلندڙ پروگرام کي بند ڪري سگهي ٿو، پ??مرا چيئرمين جي هڪطرفي اختيار کي اٿارٽي ۾ ورهايو، ڪائونسل آف ڪمپلينٽس کي اختيار ڏنو، ان ۾ اپيل جو حق ڏنو ويو. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ورڪرز جي لاءِ ڪو پليٽ فارم موجود نه هو، نيوز پيپرز ملازمن جي لاءِ آءِ ٽي اين اي جو پليٽ فارم دستياب هو، پ?? ايف يو جي، پ?? آر اي، آر آئي يو جي سميت مختلف نمائندن سان گڏجي ان ترميم کي شامل ڪيو ??يو ته ڪو ادارو ملازمن جون رهتون ادا نه ٿو ڪري ته حڪومت ان کي اشتهار نه ڏيندي، جيڪڏهن ڪو ادارو گهٽ ۾ گهٽ اجرت ادا نه ڪندو ته ان کي به حڪومتي بزنس جاري نه ڪيو ??يندو. مريم اورنگزيب چيو ته آءِ ٽي اين اي 9 مهينن ۾ 14 ڪروڙ رپيا ريڪور ڪري ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي ڪئي، ٽي شق??ن ان بل ۾ شامل ڪيون ويون، 12 مهينا ان تي مشاورت ٿي، قومي اسيمبلي ۾ 10 کان 12 ڏينهن تائين هي بل موجود رهيو، اتي ان تي بحث ٿيو، قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي مان اهو بل منظور ٿيو، ان کانپوءِ هي بل سينيٽ اجلاس ۾ پيش ڪيو ??يو، منهنجي درخواست تي هي بل سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ??يو ته جيئن ان تي وڌيڪ راءِ اچي وڃي، سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيمرا چيئرمين جي سليڪشن جو اختيار پارليامينٽ کي ڏيڻ جي راءِ ڏني وئي، وزيراعظم ان ترميم جي فوري منظوري ڏني. هن چيو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ آگاهه ڪيو ته ٻئي شق??ن قانون جو حصو آهن، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جي تعريف کي 12 ملڪن ۽ گڏيل قومن جي هيومن رائيٽس ڪميٽي جي ڊيفي نيشن مان رهنمائي حاصل ڪندي تيار ڪئي، اڳ ۾ چيو ??يو ته ڪنهن جي اشاري تي اهو ڪارو قانون ٺاهيو ??يو ??ڃي. هن چيو ته مون سدائين چيو ته ترميمون ڏيو ??ر ان کي منهنجي ذات جو مسئلو بڻايو ??يو، مون سدائين تنقيد برداشت ڪئي آهي، سي پي اين اي، ايمنڊ، پ?? ايف يو جي، پ?? بي اي جي ماڻهن ڪميٽي ۾ اچي تصديق ڪئي ته اسان ان بل جي تياري ۾ مشاورت ۾ حصو ورتو. هن چيو ته ميڊيا نمائندن چيو ته بل حڪومت پيش ڪيو آهي پر هي ميڊيا انڊسٽري جو بل آهي، منهنجي قيادت اظهار راءِ جي جنگ وڙهي آهي، اڳوڻي دور ۾ هلندڙ پروگرام بند ڪيا ويندا هئا، عرفان صديقي کي هڪ ڪالم لکڻ تي جيل موڪليو ??يو. هن چيو ته اسان انهن مرحلن مان گذريا آهيون، منهنجي قيادت تي الزام هنيو ??يو ته اسان ڪارو قانون آڻي رهيا آهيون، اسان اظهار راءِ جي آزادي کي ختم ڪري رهيا آهيون، بل کي پڙهڻ کانسواءِ تڪراري بڻايو ??يو، پريس گيلري ۾ پي ايف يو جي، پ?? آر اي سميت سمورا ورڪنگ جرنلسٽس موجود آهن، هي بل هڪ پراسيس مان گذري آيو ??و، ان بل جي خلاف پروپئگنڊه ڪري ورڪرز جا حق سلب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ورڪنگ جرنلسٽس پاران هي بل پيش ڪنديس. هن چيو ته جڏهن پي ايم ڊي اي ٺهي رهي هئي ان وقت ڀاشن ڏيڻ وارا ڪٿي هئا؟ اسان پي ايم ڊي اي جي ڪاري قانون جي خلاف ڌرڻا هڻي رهيا هئاسين، ان وقت اهي ڪٿي هئا؟ بل کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ کانسواءِ تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ڪنوينر سين??ٽر فوزيه ارشد چيو ته بل ٻيهر پيش ڪرڻ کان اڳ لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ضروري آهي. سين??ٽر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته مشاورت ٿيڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن کي ان تي اعتراض نه هجي. سين??ٽر سيف الله ابڙو چيو ته جنهن ڪيٽيگري ۾ پيمرا لائيسنس جاري ڪري ٿو، انهي ۾ نشريات جي اجازت هجڻ گهرجي، اهو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ??ڃي، جلدي ۾ بل منظور نه ڪيو ??ڃي. سين??ٽر مشتاق احمد چيو ته ان ڳالهه تي سڀني جو اتفاق آهي ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن جي رهتن ۽ پگهارن جي ادائيگي هڪ مهيني ۾ ٿيڻ گهرجي، اسان کي انهن جي ڏک ۽ درد جو احساس آهي، اسان ميڊيا ورڪرز سان گڏ آهيون، نيون ترميمون ناڪافي آهن، پ??مرا چيئرمين جي مقرري پارلياماني ڪميٽي ڪري ۽ هو پارليامينٽ کي جوابده هجي. سين??ٽر همايون مهمند، سين??ٽر مهر تاج روغاني پڻ بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جو مطالبو ڪيو. سين??ٽر دنيش ڪمار، سين??ٽر ڪامران مائيڪل ۽ سين??ٽر عرفان صديقي بل کي فوري طور تي منظور ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سين??ٽر ميان رضا رباني بل جي حوالي سان اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ تي سينيٽ چيئرمين کان رولنگ جو مطالبو ڪيو. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سين??ٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته سمورين صحافتي تنظيمن جو مطالبو آهي ته بل منظور ڪيو ??ڃي، ان لاءِ بل جي منظوري جو عمل شروع ڪيو ??ڃي. ان دوران مخالف ڌر ميمبر بل جي منظوري جو عمل شروع ڪرڻ جي مخالفت ڪندي ايوان کان ٻاهر هليا ويا. چيئرمين جي هدايت تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير بل پيش ڪرڻ جي لاءِ رٿ پيش ڪئي جنهن جي منظوري کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2002ع ۾ ترميمون پيش ڪيون جن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي ۽ بل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ??يو.