اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظ?? ۽ ??خالف ڌر اڳواڻ کي 12 آگسٽ تائين نگران وزيراعظم جو نالو ڏيڻ جو چئي ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تحليل ٿيل قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض احمد کي خط لکيو آهي جنهن ۾ ??يو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 224 هڪ اي تحت صدر وزيراعظ?? ۽ ??خالف ڌر اڳواڻ جي مشوري سان نگران وزيراعظم جي مقرري ڪري ٿو، آئين تحت وزيراعظ?? ۽ ??خالف ڌر اڳواڻ کي قومي اسيمبلي جي تحليل جي 3 ڏينهن جي اندر نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪرڻو هوندو آهي. صدر ??يو ته مون وزيراعظم جي ايڊوائيس منظور ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي تحليل ڪئي وئي. وزيراعظ?? ۽ ??خالف ڌر اڳواڻ 12 آگسٽ تائين موزون نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪن.