اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي حج ۽ عمره واري وزير ڊاڪٽر توفيق بن فوزان الربيعه ملاقات ڪئي جنهن ۾ صدر سعودي عرب سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفا ل??ڳا??ا وڌيڪ مضبوط ??ڻا??ڻ تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سعودي عرب سان معيشت، سيڙپڪاري ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان ل??ڳا??ن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان – سعودي عرب ل??ڳا??ا گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ عوامي ل??ڳا??ن تي ٻڌل آهن. صدر موجوده اقتصادي حصيداري وڌيڪ مضبوط ??ڻا??ڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر سعودي عرب سان ٻطرفي واپار کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي، قابل ت??دي?? توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. صدر هن سال حج جا بهترين انتظام ڪرڻ تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن اميد ظاهر ڪئي ته سعودي حڪومت مديني ۾ منهدم ٿيندڙ ٻن پاڪستان هائوسز جي رقم سان مرڪزيه ۾ پاڪستان هائوس جي خريداري ۾ تيزي آڻيندي. صدر او آءِ سي جي ذريعي اهم مسلمان مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، فلسطين ۽ افغانستان تي مستقل حمايت تي سعودي عرب ۽ ان جي قيادت کي ساراهيو. صدر ايران سان ل??ڳا??ا معمول تي آڻڻ تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته مسلمان دنيا ۾ سعودي ولي عهد جي قيادت ساراهه جوڳي آهي. سعودي حج ۽ عمره واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ل??ڳا??ا تمام گهڻا مضبوط آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ل??ڳا??ن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سعودي عرب حاجين کي حج ۽ عمري جي لاءِ بهتر سهولتون فراهم ڪندو رهندو. صدر سعودي بادشاهه ۽ ولي عهد/ وزيراعظم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائڻ جو پڻ چيو. صدر پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ مالي امداد تي سعودي عرب جا ٿورا پڻ مڃيا.