اسلام آباد – 14 – سيپٽ??بر (اي پي پي) پاڪستان جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي آصف دراني 11 کان 12 سيپٽ??بر تائين اي??ان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪيو. اها ڳالهه پرڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. سفير آصف دراني پنهنجي ايراني هم منصب خصوصي نمائندي علي قمي سان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ اي??ان جي پرڏ??هي وزير ا??ير عبداللهيان سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته اهو دورو افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي گڏيل آئيڊيل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻين پاڙيسري ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.