اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران چ??نڊن جي تاريخ جو اعلان خ??ش آئنده آهي، افواهون پکيڙيندڙن جي لاءِ اڄ مايوسي جو ڏينهن آهي، اسان کي خوشي آهي ته ملڪ ۾ آئين تحت چونڊون منعقد ٿي رهيون آهن. نجڪاري واري وفاقي وزير فواد حسن فواد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چ??و ته پاڪستان جي آئين تحت هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. هن چ??و ته چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن 30 نومبر تائين سمورو ڪم مڪمل ??ري و??ند?? جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت سمورين سياسي پارٽين کي چونڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن ڏنا ويندا. هن چ??و ته اليڪشن ڪميشن موجب جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون ٿينديون، جيڪا هڪ وڏي خبر آهي. هن چ??و ته اسان کي خوشي آهي ته ملڪ ۾ آئين تحت چونڊون ٿينديون. چونڊون منعقد ٿيڻ سان ملڪ ۾ معاشي ترقي ۽ سياسي استحڪام ۾ اضافو ٿيندو.