نانجنگ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڪالهه سومر ڏينهن چين جي شهر نانجنگ ۾ شنگهائي تع??ون تنظيم جي اه??ما?? هيٺ ٽيليويزن فيسٽيول 2023ع ۾ شرڪت ڪئي. فيسٽيول جي موقعي ت?? اطلاعات واري نگران وفاقي وزير سان چين جي نيشنل ريڊيو ۽ ٽيليويزن واري وزير ثائو ش??مي ملاقات ڪئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ٽيليويزن فيسٽيول منعقد ڪرڻ تي چيني وزير جا ٿورا مڃيا. ٻنهي وزيرن ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي صنعت ۾ تع??ون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميديا ٽيڪنالاجي جي جدت ۽ صحا??ين جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جو پڻ ورجاءُ ڪيو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پي ٽي وي ت?? Chinese Hour شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ چيني ميڊيا جي پاڪستان ۾ سرگرمين کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو.