اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ??يو آهي ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ ج?? ورهاڱي جي اڻپوري ايجنڊا آهي، خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ضروري آهي، پاڪستان سدائين علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. هن ڪشمي??ي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي پاڪستان جو ڪشمي??ي عوام جي سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي اڻٽر عزم کي ورجايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪيو جيڪو هر سال 27 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اڄڪو ڏينهن ان وحشياڻي واقعي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي حڪومت پنهنجون فوجون ڪشمير جي سرزمين تي لاهي غاصباڻو قبضو ڪيو. هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير جي هٿين خالي عوام تي انسانيت لڄائيندڙ ظلم ڪيا جنهن جو دنيا جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان والاريل ڪشمير جي عوام کي بدترين رياستي دهشتگردي جو نشانو ??ڻا??و پيو وڃي، هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ بي گناهه ڪشميري نوجوانن جون هزارين قبرون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته ڀارت والاريل ڪشمير کي ڪشمي??ي عوام لاءِ قبرستان ٺاهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارت جو انسانيت لڄائيندڙ ظلمن ذريعن والاريل ڪشمير ۾ سوين عورتن جي لڄ لٽڻ ۽ ڪشميري نوجوانن کي پيلٽ گن ذريعي نور کان محروم ڪرڻ روزمره جو معمول ??ڻا??و آهي، هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪ??ي عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل ڪشمير کي ڪشمي??ي عوام لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي کليل جيل ??ڻا??و آهي، اسپيڪر ڀارت جي غاصباڻي قبضي خلاف ۽ حق خود اراديت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشمي??ي عوام جي بي مثال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان ڪشمي??ي عوام لازوال قربانيون ڏنيون آهن جن جو دنيا ?? ڪو به مثال نٿو ملي. هن تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيرو سيد علي گيلاني، مقبول بٽ، برهان واني، ياسين ملڪ سميت تحريڪ آزادي ڪشمير جي ٻين حريت اڳواڻن جي جدوجهد ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيروز جي جدوجهد کي تاريخ ۾ سدائين سنهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو.