اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ آزاداڻيُون چونڊون منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نگران حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين جي پيداوار آهي، اسان آئين ۽ ق??نو?? تي عملدرآمد جا پابند آهيون، ميڊيا جو بنيادي ??قصد صحيح معلومات عوام تائين پهچائڻ آهي. اها ڳالهه هن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي چيئرم??ن محمد صادق سنجراڻي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ شفاف طرز حڪمراني ۽ جمهوري عمل ۾ اوپن ڊائيلاگ ۽ معلومات تائين پهچ کي آسان بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ذميواراڻي صحافت وقت جي ضرورت آهي، غيرجانبداراڻي ۽ ذميواراڻي صحافت سان ئي معاشرا صحيح رخ وٺي سگهن ٿا. سينيٽ چيئرمين جمهوريت جي بنيادي ??دمن کي برقرار رکڻ جي لاءِ متحرڪ ۽ غيرجانبدار ميڊيا منظرنامي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ميڊيا شهرين کي صحيح، وقت سر ۽ غيرجانبداراڻي معلومات فراهم ڪري انهن بنيادي ??درن جي محافظ طور ڪم ڪري ٿي.