اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي ل??ءِ سمورا ضروري وسيلا ۽ تعاون فراهم ڪند??سي??، چونڊن جو شفاف ۽ قابل اعتماد طريقي سان انعقاد يقيني بڻايو ويندو. اها ڳالهه هن قومي ??سي??بلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ايندڙ عام چونڊن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊ عمل جي ضرورت تي زور ڏنو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي. ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن کي سمورا ضروري وسيلا ۽ تعاون فراهم ڪند??سي??. هن چيو ته چونڊن جو شفاف ۽ قابل اعتبار طريقي سان انعقاد يقيني بڻايو ويندو. ان موقعي تي قومي ??سي??بلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي ل??ءِ حڪومتي عزم جي آجيان ڪئي.