مظفر آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) 6 نومبر ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي شهداءِ وطن مي??يا سيل جي اهتمام هيٺ خصوصي تقريب منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ رياست جي ناليواريون شخصيتون ڄمون جي ناقابل فراموش قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪنديون. شهداءِ وطن مي??يا سيل اي ڪي زون جي سربراهه آغا سفير حسين ڪاظمي چيو آهي ته 1947ع ۾ ڊوگره حڪمران هري سنگهه جي فوج ۽ هٿياربند دستن جي بي لغام هجوم ۽ پيرا ملٽري فوجي دستن ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي ۾ چار لک جي لڳ ڀڳ ڪشميري مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو، واديءَ ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمان هر سال 6 نومبر تي ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي طور ملهائيندا آهن، گذريل سالن وانگر هن سال به شهداءِ ڄمون جي قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ 6 نومبر تي ٽپهر 3 وڳي شهداءِ وطن مي??يا سيل شاهه سلطان آفيس ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي ويندي، تقريب ۾ ناليوارا اڳوا?? ۽ ??انشور شهداءِ ڄمون کي خراج عقيدت پيش ڪندا. تقريب ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي جي ڀرپور شرڪت جي اميد آهي.