اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان عورت ڪرڪيٽ ٽيم کي نيوزيلينڊ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان و??مين ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽيندڙ ايشيائي وومين ڪرڪيٽ ٽيم بڻجي وئي، پاڪستاني عورت رانديگر ڪنهن به طرح سان مردن کان پٺتي نه آهن. نگران وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان جون عورت رانديگر ائين ئي محنت ڪنديون رهيون ته پاڪستان و??مين ڪرڪ??ٽ ورلڊ ڪپ به پنهنجي نالي ڪري وينديون. نگران وزيراعظم پاڪستان و??مين ڪرڪيٽرز ۽ انهن جي گهرڀاتين کي ان ڪاميابي ت?? پوري قوم پاران مبارڪباد ڏني.