اسلام آ??اد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي ڪم ۾ تيزي سان ملڪي معيشت ۾ بهتري ايندي ۽ ماڻهو کي روزگار جا موقعا ميسر ايندا، پنجاب حڪومت تعميراتي ڪم جي حوالي سان مليل درخواستن کي مروج قانون موجب جلد منظور ڪر?? ۽ ??عميراتي شعبي بابت مسئلا فوري حل ڪيا وڃن، اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي ??فتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جو موسمياتي تبديلي بابت خصوصي صلاحڪار ملڪ امين اسلم، سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سيا??ي رابطن لاءِ وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار شهباز گل، وفاق?? ۽ ??وبائي سيڪريٽرين ۽ سينئر آفيسرن شر??ت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اجلاس کي آگاهه ڪيو ته بئنڪن پاران نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت گهرن جي تعمير لاءِ قرض حاصل ڪرڻ ۾ سهولتن جي ??راهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي.