اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪورونا وائرس جي ويڪ??ين حاصل ڪرڻ، استع??ال جي طريقيڪار جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سڀ کان اڳ ڪورونا وائرس جي خلاف وڙهندڙ هيلٿ ورڪرز، ٻي ترجيح ۾ 60 سالن جي عمر کان وڏن ماڻهن جڏهن ته ٽئين ترجيح ۾ ڪورونا وائرس جي عام مريضن کي اها ويڪ??ين لڳائي ويندي، 2021ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ ڪورونا ويڪ??ين پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي، ڪابينا ڪورونا جي علاج ۾ موثر ثابت ٿيندڙ دوا REMDESIVIR جي 100 ملي گرام انجيڪشن جي قيمت 9244 رپين مان گهٽ ڪري 5680 رپيا ??قرر ڪرڻ کانسواءِ ايئر سيال پرائيويٽ لميٽيڊ جي ريگيولر پبلڪ ٽرانسپورٽ لائيسنس جي تجديد، دفاع وا??ي وزارت کي پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج ۽ يلديز ٽيڪنيڪل يونيورسٽي ترڪيءَ جي وچ ۾ تعاون جي پروٽوڪول ۽ صحيحون ڪرڻ، پوسٽل لائيف انشورنس ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقرري ۽ اسلام آباد ميٽرو پوليٽن ڪلب جي عمارت وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وا??ي وزارت جي حوالي ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان بلڊنگ ۾ نيشنل ڪاليج آف آرٽس جو اسلام آباد ڪئمپس قائم ڪرڻ جي والي سان ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا پنهنجون سفارشون جوڙيندي.